سجاول ضلعي ۾ پوليو جي عالمي ڏينهن جي حوالي سان جاڳرتا ريلي ڪڍي وئي

ڊپٽي ڪمشنر عبدالواجد شيخ ڪئي ريلي ۾ ضلعي جي صحت کاتي جي عملدارن شرڪت ڪئي

سجاول ضلعي ۾ پوليو جي عالمي ڏينهن جي حوالي سان جاڳرتا ريلي ڪڍي وئي

سجاول(گلشيرميربحر ) سجاول ضلعي ۾ پوليو جي عالمي ڏينهن جي حوالي سان ضلعي اسپتال سجاول کان پوليو جي خاتمي بابت جاڳرتا ريلي ڪڍي وئي ۽ معصوم گلڙن جهڙن ٻارڙن کي پوليو جا ٻه ڦڙا پڻ پياريا ويا جاڳرتا ريلي جي اڳواڻي ڊپٽي ڪمشنر سجاول عبدالواجد شيخ ڪئي ريلي ۾ ضلعي جي صحت کاتي جي عملدارن شرڪت ڪئي انهيءَ موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر سجاول عبدالواجد شيخ، پوليو جي ضلعي فوڪل پرسن ڊاڪٽر انور ميمڻ، صحت جي عالمي اداري جي اميونائزيشن آفيسر ڊاڪٽر اعجاز علي خواجه، ڪميونيڪيشن آفيسر عرفان مهر، ڊاڪٽر ڪريم بخش گاڏهي، خطاب ڪندي چيو پوليو جي عالمي ڏينهن موقعي تي ضلعي جي مختلف علائقن ۾ پروگرام منعقد ڪيا ويا آهن پوليو جي خاتمي لاءِ والدين جي تعاون جي سخت ضرورت آهي هن وقت پوليو جو وائرس تمام تيز آهي سجاول ضلعي ۾ مختلف سالن پوليو جا ڪيس ظاهر ٿيندا رهيا آهن معصوم ٻارڙن کي پوليو جي وائرس کان بچاءُ لاءِ صرف پوليو جا ٻه ڦڙا هر مهم ۾ لازمي پيارڻ گهرجن هنن چيو ته اسان جون ٽيمون گهر گهر اچن ٿيون جن سان تعاون ڪيو وڃي ٻئي طرف ميرپوربٺورو، ٻيلو، چوھڙجمالي، جاتي، دڙو ۾ به پوليو جي عالمي ڏينهن جي حوالي سان پروگرام منعقد ڪيا ويا.