نوشھروفيروز ۾ ڳوٺاڻن جو پوليس عملدار جي مبينا زيادتين خلاف احتجاج

پوليس عملدار نياز ڪلھوڙي ۽ سندس ڀاء اسان سان ظلم جي انتھا ڪري ڇڏي آهي: ڳوٺاڻا

نوشھروفيروز ۾ ڳوٺاڻن جو پوليس عملدار جي مبينا زيادتين خلاف احتجاج

نوشهروفيروز (ڊ ر) نوشھروفيروز ۾ ڳوٺاڻن پوليس عملدار جي ظلم خلاف احتجاج ڪيو. ڳوٺ حسين ڪلھوڙو جي رھواسين پريس ڪلب نوشهروفيروز آڏو احتجاجي مظاھرو ڪيو. احتجاج ۾ عورتون به شامل ھيون. ان موقعي تي ڳوٺاڻن راشد علي، عاشق حسين، اظھر، مير حسن، شاھد، عبدالغفار ڪلھوڙو ۽ ٻين چيو ته پوليس عملدار نياز ڪلھوڙي ۽ سندس ڀاء ظلم جي انتھا ڪري ڇڏي آهي. اسان جي زمين 29 ويسن تي قبضو ڪيو ويٺا آھن. جيڪا زمين اسان جي اباڻي آھي پر انھن تپيدار سان ملي زمين جا ڪوڙا ڪاغذ ٺهرايا آھن. ھنن چيو ته پوليس عملدار اسان تي تشدد جو نشانو بڻائي رھيو آھي. عورتن ۽ ٻارڙن کي به بخش نه ٿا ڪن. ھنن چيو ته اسان کي پوليس عملدار جي ظلم کان بچايو وڃي. هوڏانهن الزام هيٺ آيل ڌر جي علي نواز ڪلهوڙو چيو ته زمين جا 6 ويسا اسان جواڻ ڪلهوڙو کان 2013 ۾ خريد ڪيا آهن جنهنجا سمورا دستاويزي ثبوت اسان وٽ موجود آهن