English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
لاڙڪاڻي ۾ پورهيت جو گهرواري ۽ ڌيءَ سميت بااثرن خلاف احتجاج
264 views
|
24th Oct 2023
•
سنڌي خبرون
بااثر گهر مان لکين روپيا چوري ڪري ويا، پوليس ڪارروائي نٿي ڪري: وارث
لاڙڪاڻو شهدادڪوٽ شهر جي ڊرٻ محلي جي رهواسين طرفان بااثرن ۽ اي سيڪشن پوليس جي مبينا زيادتين خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي تي احتجاج ڪندڙ ٽيڪسي ڊرائيور اختيار علي مگسي پنهنجي زال صنم خاتون ۽ نياڻي غلام زهره سان گڏجي دانهيندي چيو ته مان انتهائي غريب مسڪين آهيان، ٽيڪسي هلائي گهرڀاتين جو پيٽ پاليندو آهيان. هن الزام لڳايو ته ٻه مهينا اڳ مان پنهنجي گهرڀاتين سان گڏجي لاڙڪاڻي شهر دوا وٺڻ لاءِ آيو هيس ته پويان محلي واسي ذوالفقار بروهي ۽ الطاف بروهي منهنجي گهر ۾ داخل ٿي 5 لک 30 هزار روڪ رقم ۽ 50 هزار جي ماليت جا سونا زيور چوري ڪري ويا، اهڙي واقعي جو اطلاع اسان حد جي ٿاڻي تي ڏنوسين، جنهن تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي تفصيل ورتا، جنهن دوران چوري ۾ ملوث جوابدار ذوالفقار بروهي ۽ الطاف بروهي پنهنجي مائٽن ممتاز بروهي، عاشق، محمد علي، حسن بروهي ۽ ٻين سان گڏجي اسان مٿان حملو ڪري مون سميت منهنجي گهرواري صنم خاتون کي سخت تشدد جو نشانو بڻايو، اهڙي دانهن ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو، ايس ايس پي قمبر شهدادڪوٽ جي آفيس ۾ ڏني سين، جن اي سيڪشن ٿاڻي جي ايس ايڇ او کي لکت ۾ چيو آهي ته چوري ۽ جهيڙي ۾ ملوث سمورن جوابدارن خلاف ڪاروائي ڪري متاثر ڌر سان انصاف ڪيو وڃي، تنهن باوجود حد جو ايس ايڇ او اختر بروهي بااثرن جي ڌر بڻيل آهي ۽ سندن خلاف ڪاروائي ڪرڻ لاءِ تيار ئي نه آهي، جڏهن ته بااثرن کي شهدادڪوٽ جي منشيات فروش محمد خان بروهي جي سپورٽ حاصل ٿيل آهي، جيڪو پڻ چورن جي پٽ ڀرائي ڪري رهيو آهي، جنهن جي ڪري بااثر اسان کي خاموش رهڻ لاءِ موتمار ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن، جيڪو ظلم ۽ زيادتي آهي. هنن آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو ۽ ايس ايس پي قمبر شهدادڪوٽ کي اپيل ڪئي ته معاملي جو نوٽيس وٺي ايس ايڇ او اي سيڪشن اختر ابڙو کان سخت پڇاڻو ڪرڻ سان گڏ بااثرن خلاف ڪاروائي ڪري گهر مان چوري ٿيل رقم ۽ سون واپس ڪرائي انصاف ڪيو وڃي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
07th Sep 2026
•
سندھ
سولنگی ویلفیئر آرگنائزیشن کے وفد کی ٹنڈو محمد خان بار ایسوسی ایشن کے صدر سے ملاقات، اہم شخصیات کی شمولیت کا اعلان
07th Sep 2026
•
پاکستان
طبی تعلیم میں اسلام آباد میڈیکل اینڈ ڈینٹل کالج کے اے آئی پروگرام کی پی ایم ڈی سی کی پذیرائی
06th Sep 2026
•
پاکستان
مزدوری کیلئے جانے والا نوجوان ڈھائی ماہ سے لاپتہ، اہلخانہ کا بازیابی کا مطالبہ
06th Sep 2026
•
سندھ
کراچی پریس کلب کی فیملی پکنک، وائلڈ وینچر واٹر پارک میں صحافیوں اور اہل خانہ نے یادگار دن گزارا
07th Sep 2026
•
سندھ
سولنگی ویلفیئر آرگنائزیشن کے وفد کی ٹنڈو محمد خان بار ایسوسی ایشن کے صدر سے ملاقات، اہم شخصیات کی شمولیت کا اعلان
07th Sep 2026
•
پاکستان
طبی تعلیم میں اسلام آباد میڈیکل اینڈ ڈینٹل کالج کے اے آئی پروگرام کی پی ایم ڈی سی کی پذیرائی
06th Sep 2026
•
پاکستان
مزدوری کیلئے جانے والا نوجوان ڈھائی ماہ سے لاپتہ، اہلخانہ کا بازیابی کا مطالبہ
06th Sep 2026
•
سندھ
کراچی پریس کلب کی فیملی پکنک، وائلڈ وینچر واٹر پارک میں صحافیوں اور اہل خانہ نے یادگار دن گزارا
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
لاڙڪاڻي
شهدادڪوٽ
0 تبصرے