نگران وڏو وزير مقبول باقر سکر پهتو، سول اسپتال جي ميڊيڪل بورڊ معطل

نگران وڏي وزير پاران غلام محمد مهر ميڊيڪل ڪاليج جي گذريل5 سالن جي فرانزڪ آڊٽ ڪرائڻ جو حڪم

نگران وڏو وزير مقبول باقر سکر پهتو، سول اسپتال جي ميڊيڪل بورڊ معطل

سنڌ جي نگران وڏي وزير جسٽس (ر) مقبول باقر پاران سکر ۾ سول اسپتال سي سيڪشن ٿاڻي، دارالامان، ڊبل سيڪشن هاءِ اسڪول جا دورا ڪيا ويا، سول اسپتال ۾ سهولتن ۽ بسترن تي کوٽ تي نگران وڏي وزير پاران ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ويو، جسٽس (ر) مقبول باقر سول اسپتال جي پوري ميڊيڪل بورڊ کي معطل ڪري ڇڏيو، نگران وڏي وزير پاران اسٽي اسڪين، ايم آر آءِ ۽ ٻي مشينري خراب هجڻ ۽ صفائي سٿرائي نه هجڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ويو، نگران وڏي وزير پاران غلام محمد مهر ميڊيڪل ڪاليج جي گذريل5 سالن جي فرانزڪ آڊٽ جو به حڪم ڏنو ويو، ٿاڻي جي دوري دوران ايس ايس پي عرفان سمون نگران وڏي وزير کي آگاهي ڏيندي چيو ته هلندڙ مهيني هڪ ڌاڙيل سانوڻ سکاڻي مارجي ويو جيڪو 11 پوليس اهلڪارن جي شهادت ۾ ملوث هو، دارالامان جي دوري دوران وڏي وزير کي آگاهي ڏني وئي ته دارالامان ۾ 24 عورتون ۽ ٻارڙا موجود آهن، جتي ٻارڙن کي تعليم ڏيڻ لاءِ هڪ ماسترياڻي به مقرر ٿيل آهي، ان موقعي تي عورتن پاران دانهن ڏني وئي ته دارلامان جي انچارج بدتميز آهي جيڪا گارگند ڪندي رهي ٿي، جڏهن ته کاڌو به خراب ۽ گهٽ ڏنو ويندو آهي