نواز شريف اڳ ۾ ٽي ڀيرا وزيراعظم ٿيڻ باوجود ڪجهه به نه ڪري سگهيو چوٿون ڀيرو وزيراعظم ٿيو تڏهن به ڪجهه ڪونه ڪندو:.سراج الحق

وياجي نظام جي خاتمي ۽ لٽيل دولت سياستدانن کان واپس وٺي قومي خزاني ۾ جمع ڪري معيشت کي بهتر ۽ ملڪ کي بحرانن مان ڪڍي سگهجي ٿو

نواز شريف اڳ ۾ ٽي ڀيرا وزيراعظم ٿيڻ باوجود ڪجهه به نه ڪري سگهيو چوٿون ڀيرو وزيراعظم ٿيو تڏهن به ڪجهه ڪونه ڪندو:.سراج الحق

ڪراچي/حيدرآباد(رپورٽر)امير جماعت اسلامي سراج الحق چيو آھي ته پاڪستان هن وقت معاشي ۽ سياسي طور شديد مشڪلات جو شڪار آهي، خراب حڪمراني ۽ مفاد پرست ۽ غلامي وارين پاليسين جي ڪري معيشت تباه ۽ تيل، گئس توڙي ڪوئلي جي دولت سان مالا مال ملڪ کي دنيا ۾ پينو فقير جي سڃاڻپ ڏني وئي آهي، 73هزار ارب کان وڌيڪ قرض ۽ هر پاڪستاني اڄ 03 لک رپين جو قرضي آهي، سڀ کان وڌيڪ بدامني، غربت، ڏوهه ۽ ڌاڙيل راڄ ۽ جهنگ جو قانون سنڌ ۾ آهي، پ پ جي 15 ساله اقتداري دور ۾ تباهي، بربادي ۽ محرومين کان سواءِ عوام جي پلئه ڪجهه به نه پيو، پاڪستان ڏکڻ ايشيا ۾ سڀ کان وڌيڪ مهانگو ملڪ آهي اسان کان ته ڀوٽان، نيپال ۽ افغانستان به معاشي طور تي اڳتي وڌي چڪا آهن، وياج واري نظام جي خاتمي ۽ لٽيل دولت سياستدانن کان واپس وٺي قومي خزاني ۾ جمع ڪري معيشت کي بهتر ۽ ملڪ کي بحرانن مان ڪڍي سگهجي ٿو. ووٽ جي طاقت ذريعي ئي نظام ۽ قيادت جي تبديلي جو ڪم ٿي سگهي ٿو. اهڙن خيالن جو اظهار هن جماعت اسلامي ضلع حيدرآباد جي مجلس شورى جي اجلاس کي خصوصي خطاب ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ ايندڙ چونڊن جي تياري، فلسطين فنڊ، افراد سازي سميت ٻين دعوتي ۽ تنظيمي مامرن جو پڻ جائزو ورتو ويو، ان موقعي تي مرڪزي نائب امير مولانا اسدالله ڀٽو، سنڌ جو امير محمد حسين محنتي، نائب قيم حافظ طاهر مجيد، مولانا عبد الوحيد قريشي، ضلعي امير عقيل احمد خان، جي آءِ يوٿ جو صدر ڊاڪٽر امتياز پالاري ۽ مجاهد چنا سميت ٻيا اڳواڻ پڻ موجود هئا. هوڏانهن مرڪزي امير سراج الحق ٽنڊومحمد خان ويجهو ڳوٺ باقر نظاماڻي ۾ زرعي ماهر ۽ سنڌ آبادگار بورڊ جي صدر مرحوم رئيس عبدالمجيد نظاماڻي جي وفات تي سندس پٽن رئيس الهداد نظاماڻي، خدادا نظاماڻي ۽ عبدالحفيظ نظاماڻي سان تعزيت کان بعد ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو ته رئيس عبدالمجيد نظاماڻي جي وفات ھڪ سانحو اھي مرحوم نه فقط بهترين زميندار، زرعي ماهر، محب وطن پاڪستاني هو بلڪه هن جواني کان ويندي ٻڍائپ تائين زراعت جي ترقي ۽ حق و صداقت جي رستي تي ڄمي بيٺل رهيو، هڪ سوال جي جواب ۾ سراج الحق چيو ته جيسيتائين پاڪستان ۾ خانداني سياست آهي تيستائين پاڪستان ۽ سياست ۾ ترقي توڙي جمهوريت ٺيڪ نه ٿيندي، ڪرپٽ سياستدانن کي اڳتي آڻڻ ۾ اسٽيبلشمنٽ جو وڏو هٿ آهي، نواز شريف جي واپسي جي باري ۾ سوال جو جواب ڏيندي هن چيو ته 24 آڪٽوبر عدالتن جو امتحان آهي، نواز شريف اڳ ۾ ٽي ڀيرا وزيراعظم ٿيڻ باوجود ڪجهه به نه ڪري سگهيو چوٿون ڀيرو وزيراعظم ٿيو تڏهن به ڪجهه ڪونه ڪندو، پي ڊي ايم جي 16 مهينن جي حڪومت ۾ نواز شريف جو ڀاءُ وزيراعظم ۽ نواز ليگ جا سڀئي اڳواڻ وزير مشير هئا جن عوام کي مهانگائي جي اوڙاهه ۾ ڌڪي ڇڏيو، ملڪ ۾ صاف شفاف ۽ اڻڌريون چونڊون ئي مسئلي جو حل آهن، ڊگهي مدت تائين حڪومت نه بلڪه بروقت ۽ شفاف چونڊ ڪرائڻ نگران حڪومت ۽ اليڪشن ڪميشن جو اصل ڪم آهي. سراج الحق علي پور ۾ استقبالي جلسي کي خطاب، ٺٽي ۾ سنڌ ملاح فورم جي اڳواڻ ڏاڏا آدم گندرو جي فرزند ايڊووڪيٽ دانيال جي دعوت وليمي ۾ شرڪت،ٽنڊوآدم ۾ اڳوڻي ضلعي امير مرحوم عبدالعزيز غوري جي وڏي فرزند شاهد عزيز غوري جي وفات تي سندن گهر وڃي پوئنرن سان تعزيت پڻ ڪئي، ان موقعي تي ٽنڊوآدم بلديه جي اڳوڻي چيئرمين مسرور احمد غوري، ضلعي امير عبدالغفور انصاري سميت ٻيا اڳواڻ پڻ موجود هئا.