سجاول ۾ ضلعي انتظاميا پاران حفظ قرآن، نعت ۽ تلاوت جا مقابلا

تقريب ۾ ڊي سي عبدالواجد شيخ، ايس ايس پي شهلا قريشي، پروفيسر علامه محمد ابراهيم هاشمي ۽ ٻيا شريڪ ٿيا

سجاول ۾ ضلعي انتظاميا پاران حفظ قرآن، نعت ۽ تلاوت جا مقابلا

سجاول (گلشيرميربحر) ضلعي انتظاميه سجاول پاران حفظ قرآن، نعت ۽ تلاوت جي مقابلن جو اھتمام ٠ ضلعي انتظاميہ سجاول پاران حفظ قرآن، نعت ۽ تلاوت جي مقابلن جي تقريب شايان بينڪوئيٽ ھال ۾ منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ ضلعي جي حافظ قرآن، قارين و نعت خوان سميت مختلف مدرسن جي طالبن حصو ورتو. هن پروقار تقريب جي صدارت ڊپٽي ڪمشنر سجاول عبدالواجد شيخ ڪئي جڏهن ته ايس ايس پي شهلا قريشي، پروفيسر علامه محمد ابراهيم هاشمي، مشهور ۽ معروف ديني اسڪالر ۽ ٻين عالم سڳورن ۽ معزز شهرين پڻ شرڪت ڪئي . تقريب جي شروعات تلاوت قرآن پاڪ سان ڪئي وئي بعد ۾ مشهور نعت خوان ۽ قارين پاران دلڪش آواز ۾ نعت رسول مقبول ۽ تلاوت ڪلام پاڪ پيش ڪري محفل کي مچايو ويو ۽ حاضرين جي دلين کي منور ڪيو ويو. ان موقعي تي ڳالهائيندي ڊپٽي ڪمشنر عبدالواجد شيخ چيو ته اسلام امن ۽ ڀائيچاري، اخوت ۽ محبت، صبر ۽ برداشت جو درس ڏئي ٿو، حضور اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم جي سيرت ۽ تعليم مان صرف مسلمانن ئي نہ بلڪہ غير مسلمانن بہ سبق سکيو ۽ رهنمائي پڻ حاصل ڪئي. هن چيو ته اڄ جو دور آزادي اظھار ۽ عقيدي جو دور آهي پر ڪنهن کي به پنهنجي مذهبي عقيدي يا رسمن جي لاءِ ڪنھن ٻئي مذهب کي اشتعال انگيز بڻائڻ جو ڪوبہ حق ناھي. هن چيو ته اسلامي ملڪ ۽ خاص طور تي پاڪستان دنيا جو واحد ملڪ آهي جتي سڀني مذهبن جي ماڻهن کي مڪمل مذهبي آزادي حاصل آهي ۽ اڪثريتي آبادي ان جي اقليتي آبادي جي خوشين ۽ غم ۾ برابر جا شريڪ آهي. هن چيو ته اسلام هڪ اهڙو مذهب آهي جيڪو ٻين مذهبن جي پيروڪارن جو سڀ کان وڌيڪ احترام ڪري ٿو ۽ ان جو وڏو سبب قرآن پاڪ جا حڪم ۽ نبي ڪريم صلي الله عليه وآله وسلم جا اخلاق آهن. ڊپٽي ڪمشنر چيو ته بين المذاهب هم آهنگي وسيع تر قومي مفاد ۾ موثر امن امان جي لاءِ اهم آهي، ان کي حاصل ڪري ئي امن دشمن عناصرن جي ناپاڪ ارادن کي مٽيءَ ۾ ملائي معاشري ۾ امن جو قيام ممڪن بڻائي سگهجي ٿو. هن سمورن شرڪت ڪندڙن تي زور ڏنو ته هو سماج ۾ برداشت، صبر ۽ رواداري کي فروغ ڏين ۽ منبر ۽ محراب مان امن ۽ ڀائيچاري جو پيغام عام ڪن. ڊپٽي ڪمشنر چيو ته هن پروگرام جو مقصد سجاول ضلعي ۾ ٽيلينٽ ۽ ميرٽ کي فروغ ڏيڻ آهي ته جيئن حسن نعت، تلاوت ۽ حفظ جي مقابلن ۾ حصو وٺندڙ شاگردن کي موقعو فراهم ڪيو وڃي ۽ اڳيان ھلي ھو پنهنجي ملڪ ۽ قوم جو نالو روشن ڪري سگهن. تقريب کي ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون عبدالڪريم سنگراسي، پروفيسر علامه محمد ابراهيم هاشمي سميت مختلف عالم سڳورن پڻ خطاب ڪيو. بعد ۾ تلاوت، نعت ۽ حافظي جي مقابلي ۾ حصو وٺندڙ جنهن ۾ تلاوت جي مقابلي ۾ معاويه لوهار پهرين، محمد سعيد عطاري لوهار ٻين ۽ قاري عبدالغني کٽي ٽين پوزيشن حاصل ڪئي ۽ نعت جي مقابلي ۾ سراج مصطفيٰ پهرئين، سڄڻ سرائي ٻين ۽ محمد موسيٰ کٽي ٽين جڏهن ته حفظ قرآن جي مقابلي ۾ حافظ شفيق الرحمان چانڊيو پھرين، حافظ عبدالقيوم چانڊيو ٻين جڏھن تہ ٽين پوزيشن حافظ غلام رسول ٻاررڻ جي حصي ۾ آئي. مقابلي ۾ سمورن حصو وٺندڙ ۾ نقد انعام، شيلڊون ۽ سرٽيفڪيٽ ورهايا ويا. آخر ۾ ڊپٽي ڪمشنر مقابلي ۾ حصو وٺندڙ شاگردن، استادن، خاص مهمانن ۽ ٻين معززين جا ٿورا مڃيا.