ڊي سي نوشھروفيروز پاران سول اسپتال ۽ سب رجسٽرار آفيس جو دورو

دوري دوران آفيسن ۾ ڪاروھنوار ۽ شھر ۾ صفائي سٿرائي جي انتظامن جو جائزو ورتو ويو

ڊي سي نوشھروفيروز پاران سول اسپتال ۽ سب رجسٽرار آفيس جو دورو

نوشھروفيروز(ڊ ر)ڊپٽي ڪمشنر نوشهروفيروز محمد ارسلان سليم مختيارڪار آفيس نوشهروفيروز، سول اسپتال نوشهروفيروز، سب رجسٽرار آفيس ۽ پڊعيدن روڊ جو دورو ڪيو. مختيارڪار آفيس جي دوري دوران هن روينيو عملدارن سان ملاقات ڪئي ۽ هدايتون ڏنيون، هن مختيارڪار آفيس جي عمارت جو معائنو ڪيو، هن مختيارڪار آفيس ، پڊعيدن روڊ، پراڻي مختيارڪار آفيس، سب رجسٽرار آفيس جو پڻ دورو ڪيو ۽ شهر ۾ صفائي جي صورتحال جو جائزو ورتو،ڊپٽي ڪمشنر سول اسپتال جو دورو پڻ ڪيو، ان موقعي تي هن سول اسپتال ۾ موجود علاج معالجي جي سهولتن جو به جائزو ورتو ۽ هدايتون جاري ڪيون ته مريضن کي دوائن جي فراهمي ۽ صفائي سٿرائي جي صورتحال کي بهتر بڻايو وڃي، هن اسپتال ۾ ايندڙ مريضن کان علاج بابت تفصيل پڻ معلوم ڪيا. اسپتال ۾ ايمرجنسي وارڊ، ڪارڊيڪ. وارڊ، جنرل وارڊ، ٻارن جي وارڊن ۽ ٻين شعبن جو معائنو ڪيو ان موقعي تي اسپتال جي ايم ايس ڊاڪٽر خادم حسين منڱريو ڊپٽي ڪمشنر کي اسپتال ۾ لوڊشيڊنگ ۽ ٻين مسئلن بابت آگاهي ڏني. ان موقعي تي اسسٽنٽ ڪمشنر نوشهرو فيروز علي شان، مختيارڪار عبدالعزير جوڻيجو ۽ ٻيا لاڳاپيل آفيسر موجود هئا.