ڊپٽي ڪمشنر ٺٽو جي صدارت هيٺ بين المذاهب هم آهنگي ڪميٽي جو اجلاس

اسلام امن، ڀائيچاري، محبت، صبر ۽ رواداري جو درس ڏئي ٿو: ڊي سي ٺٽو اسد علي خان

ڊپٽي ڪمشنر ٺٽو جي صدارت هيٺ بين المذاهب هم آهنگي ڪميٽي جو اجلاس

ٺٽو( محمد شفيق ڀٽي) ڊپٽي ڪمشنر ٺٽو جي صدارت هيٺ بين المذاهب هم آهنگي ڪميٽي جو اجلاس ٿيو اسلام امن، ڀائيچاري، محبت، صبر ۽ رواداري جو درس ڏئي ٿو. اسد علي خان بين المذاهبي هم آهنگي قومي مفاد ۾ امن ۽ سلامتي لاءِ ضروري آهي. ڊپٽي ڪمشنر ٺٽو اسد علي خان چيو آهي ته اسلام امن امان، ڀائيچاري ۽ محبت، صبر ۽ تحمل جو درس ڏئي ٿو، امن امان جي حوالي سان ضلعو ٺٽو پُرامن ضلعو رھيو آھي ۽ مستقبل ۾ به اسان سڀني کي گڏجي ھن ضلعي جو امن قائم رکڻ لاءِ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. هُن چيو ته اقليتي برادري کي به ٻين پاڪستانين وانگر هن ملڪ ۾ آزاديءَ سان رهڻ ۽ زندگي گُذارڻ جو پورو حق حاصل آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن سندس آفيس ۾ چيف سيڪريٽري سنڌ پاران جوڙيل بين المذهبي هم آهنگي ڪميٽي جي گڏجاڻي جي صدارت ڪندي ڪيو. ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر چيو ته بين المذاهبي هم آهنگي وسيع تر قومي مفاد ۾ موثر امن امان جي لاءِ انتھائي ضروري آهي جنهن جي حاصلات سان ئي معاشري ۾ امن کي ممڪن بڻائي امن دشمن عنصرن جي ارادن کي خاڪ ۾ ملائي سگهجي ٿو. هُن سمورن شرڪت ڪندڙن تي زور ڀريو ته هو سماج ۾ برداشت ۽ رواداري کي فروغ ڏين ۽ منبر ۽ محراب مان امن ۽ ڀائيچاري جو پيغام عام ڪن. هُن پوليس ۽ ٻين لاڳاپيل کاتن جي آفيسرن کي هدايت ڪئي ته ھو اقليتي برادري جي عبادتگاهن تي خاص طور تي مذهبي ڏھاڙن جي موقعي تي سيڪيورٽي، صفائي سٿرائي ۽ ٻين ضروري انتظامن کي يقيني بڻائڻ سميت مندرن، گرجا گهرن، چرچ ۽ ٻين عبادگاھن تان غير قانوني حددخلين کي ھٽايو وڃي. ان موقعي تي اقليتي برادري جي اڳواڻن درپيش مسئلن کان آگاهه ڪيو جنهن تي ڊپٽي ڪمشنر چيو ته هو پاڻ کي ڪنھن بہ صورت ۾ اڪيلو نه سمجهن ڇاڪاڻ ته ضلعي انتظاميه سندن تحفظ ۽ ٻين بنيادي مسئلن جي حل لاءِ هر وقت موجود آهي. گڏجاڻي ۾ هندو، ڪرسچن ۽ عيسائي برادري جي مسئلن ۽ ٻين بنيادي ضرورتن تي غور ويچار پڻ ڪيو ويو. ان موقعي تي مختلف مڪتبہ فڪر جي عالمن ۽ اڳواڻن امن امان ۽ مذهبي هم آهنگي لاءِ ضلعي انتظاميا، پوليس ۽ اقليتي برادري کي ڀرپور تعاون جو يقين پڻ ڏياريو. آخر ۾ اقليتي برادري ڊپٽي ڪمشنر ۽ ايس ايس پي جو شڪريو ادا ڪندي چيو ته پوري ضلعي ۾ اقليتي برادري کي پنهنجا مڪمل حق حاصل آھن ۽ ھو امن امان سان زندگي گذاري رهيا آهن. گڏجاڻي ۾ ايس ايس پي علي بخش عرف آفتاب احمد نظاماڻي، مختلف کاتن جي عملدارن، مختلف مڪتبہ فڪر جي عالمن ۽ اقليتي برادري جي اڳواڻن شرڪت ڪئي.