نوشھروفيروز ۾ سينئر صحافي جان محمد مھر جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ ريلي

شھيد صحافي جان محمد جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ افسوس جوڳو عمل آھي: اڳواڻ

نوشھروفيروز ۾ سينئر صحافي جان محمد مھر جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ ريلي

نوشهرو فيروز (ڊر) سکر جي سينئر صحافي جان محمد مھر جا قاتل گرفتار نه ڪرڻ خلاف احتجاج ڪيو ويو. سکر ۽ حيدرآباد يونين آف جرنلسٽس جي سڏ تي نوشھروفيروز يونين آف جرنلسٽس پاران احتجاجي ريلي ڪڍي وئي. ريلي مھراڻ چوڪ کان شروع ٿي پريس ڪلب نوشهروفيروز پھتي. ريلي ۾ صحافين سميت شھري ايڪشن ڪميٽي جي اڳواڻن ماھ نور شيخ، خالد راڄپر، سنڌ ترقي پسند پارٽيءَ جي اڳواڻ اسد چانڊيو، جميعت علماءِ اسلام جي اڳواڻ اڪرم پيرزادو، ضلع بار ايسوسيئيشن نوشهروفيروز جي صدر اياز مري، جنرل سيڪريٽري شوڪت ٻوھيو، اختر چانڊيو ۽ ٻين سياسي سماجي اڳواڻن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي نوشهروفيروز يونين آف جرنلسٽس جي صدر زاھد قائمخاني، جنرل سيڪريٽري مظھر خاصخيلي، شاھد سومرو، منور حسين منور ۽ ٻين چيو ته سکر جي سينئر شھيد صحافي جان محمد جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ افسوس جوڳو عمل آھي. ان مان اھو تاثر ملي رھيو آھي ته سنڌ ۾ صحافي محفوظ ناھن رھيا ۽ سرڪار پڻ صحافين جو تحفظ ڪرڻ لاءِ تيار ناھي. جنھن ڪري صحافي راھ ويندي بيگناھ قتل ٿي رھيا آھن. ھنن چيو ته شھيد صحافي جان محمد مھر جي قاتلن کي فوري طور گرفتار ڪيو وڃي. جيڪڏھن قاتل گرفتار نه ڪيا ويا ته پوءِ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.