خيرپور کان وياجين خلاف ڪراچي لاءِ پيادل نڪتل پروفيسر نوشھروفيروز پھچي ويو

چنا ويلفيئر آرگنائيزيشن جي عھديدارن پاران پروفيسر نظير حسين چنا جو استقبال ڪيو ويو

خيرپور کان وياجين خلاف ڪراچي لاءِ پيادل نڪتل پروفيسر نوشھروفيروز پھچي ويو

نوشهروفيروز (ڊر) نوشهروفيروز ۾ وياج خورن جي ظلمن خلاف خيرپور کان ڪراچي تائين پيادل مارچ ڪري نڪتل پروفيسر نظر حسين چنا پريس ڪلب نوشهروفيروز پهتو جتي ساڻس ٻڌيء جو اظهار ڪرڻ لاء چنا ويلفيئر آرگنائيزيشن ضلعي نوشهروفيروز جو صدر محمد بخش چنا , محمد عثمان چنا ,محمد مٺل چنا , خان محمد چنا, اسد الله چنا پهتا جنهن بعد پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي پروفيسر نظر حسين چنا چيو ته نگران سنڌ سرڪار جي نمائندن پاران وياج خورن خلاف قدم کڻڻ وارن اعلانن کان پوء آءُ علائقي جي بااثر وياج خورن جي خلاف ايس ايس پي خيرپور کي شڪايت ڪئي جنهن بعد وياج خور امتياز شاه ۽ سندس ساٿاري پويان ئي پئجي ويا آهن ايس ايس پي ٻوٽو نه ٻاريو ته پوء آءُ پنهنجي ڪيس سان گڏ سڄي سنڌ اندر وياج خورن جي ستايل ماڻهن جو آواز بڻجڻ لاء پيادل مارچ ڪري ڪراچيء تائين وڃڻ لاء نڪتو آهيان هن چيو ته پهريان آء جي سنڌ جي آفيس ويهندس جي انصاف نه مليو ته پوء سي ايم سنڌ کان پوء پريس ڪلب ڪراچي تي بک هڙتال ڪندس اڃان به مسئلو حل نه ٿيو پوء اسلام آباد لاء روانو ٿيندس پر وياج خورن کي ڇڏيندس ڪونه ڇو ته سندس ڏنل پئسا ڏيڻ جي باوجود به ٻيڻ کان ٽيڻ تائين پئسا وٺي چڪا آهن پر پوء به سندن قرض لهي ئي ڪونه ٿو جيسيتائين امداد ۽ امتياز شاه خلاف ڪيس داخل نه ٿيندو تيسيتائين ماٺ ڪري نه ويهندس