قمبر شھدادڪوٽ جي ڊسٽرڪٽ اڪائونٽس آفيس ۾ سرڪاري ملازمن لاءِ کلي ڪچھري منعقد

ريجنل ڊائريڪٽر محتسب لاڙڪاڻو علي اڪبر جاگيراڻي کلي ڪچھري دوران سرڪاري ملازمن جا مسئلا ٻڌا

قمبر شھدادڪوٽ جي ڊسٽرڪٽ اڪائونٽس آفيس ۾ سرڪاري ملازمن لاءِ کلي ڪچھري منعقد

وڳڻ (نمائندو) قمبر شھدادڪوٽ ضلعي جي ڊسٽرڪٽ اڪائونٽس آفيس قمبر ۾ ريجنل ڊائريڪٽر محتسب لاڙڪاڻو علي اڪبر جاگيراڻي پاران سرڪاري ملازمن جي مسئلن جي حل لاءِ کليل ڪچهري منعقد ڪئي وئي جنھن ۾ ڊسٽرڪٽ اڪائونٽس آفيسر عبدالرؤف سومرو ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اڪائونٽس آفيسر طارق علي خانزادو اسسٽنٽ اڪائونٽس آفيسر سيد محمد شاھ علي محمد مگسي ۽ منظور علي چنو پڻ شرڪت ڪئي تفصيل موجب ضلعي قمبر شهدادڪوٽ جي ناڻي کاتي واري آفيس ۾ منعقد ٿيل کلي ڪچھري ۾ مختلف ادارن جي سرڪاري ملازمن پنھنجا پنھنجا مسئلا پيش ڪيا ان موقعي تي مسئلن جي حل لاءِ پھتل عوام پاران پينشن جي پي فنڊ ۽ پگھارن سميت مختلف معاملن جي حل لاءِ ريجنل ڊائريڪٽر محتسب اعلي عوام جا مسئلا غور سان ٻڌا ۽ ڪيترائي معاملا فوري طور تي حل ڪرڻ جا حڪم جاري ڪيا.کليل ڪچهري دوران ريجنل ڊائريڪٽر علي اڪبر جاگيراڻي ناڻي کاتي قمبر شهدادڪوٽ جي آفيسرن کي ھدايت ڏيندي چيو ته کليل ڪچهري ڪرڻ جو مقصد اهو آهي ته سرڪاري ملازمن جا مسئلا ترجيحي بنيادن تي حل ڪيا وڃن.کليل ڪچھري ۾ ميڊيا جي نمائندن پاران سرڪاري ملازمن جي جائز مسئلن جي حل ۾ ٿيندڙ دير واري سوال جي جواب ۾ ڊسٽرڪٽ اڪائونٽس آفيسر قمبر شهدادڪوٽ عبدالرؤف سومري چيو ته اسان پاران ڪوشش ھوندي آھي ته سرڪاري ملازمن جا مسئلا جلد کان جلد حل ڪيا وڃن؛ پر سرڪاري ملازمن پاران مختلف کاتن کان ٽريزري آفيس کڻي ايندڙ ڪيس گھڻي ڀاڱي قانون موجب اڻپورا ھوندا آھن؛ جنهن سبب قانوني گهرجون پوريون ڪرڻ لاءِ ڪجهه ڪيسن ۾ دير ٿيندي آهي ان موقعي تي مختلف ادارن جي ملازمن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي.