ڪراچي: بينظير ڀٽو شهيد يونيورسٽي لياري جي شاگردن پاران انڊونيشيا قونصل خاني جو دورو

قونصل خاني جي جنرل ڊائريڪٽر ”جُون ڪونچورو“ يونيورسٽي جي شاگردن ۽ شاگردياڻين جو جو شاندار استقبال ڪيو

ڪراچي: بينظير ڀٽو شهيد يونيورسٽي لياري جي شاگردن پاران انڊونيشيا قونصل خاني جو دورو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) بينظير ڀٽو شهيد يونيورسٽي لياري ڪراچي جي بين الاقوامي تعلقات جي شعبي جي هيڊ آف ڊپارٽمينٽ نثار احمد چانڊيو يونيورسٽيءَ جي شاگردن سميت انڊونيشيا جي قونصل خاني جو دورو ڪيو. قونصل جي جنرل ڊائريڪٽر ”جُون ڪونچورو“ يونيورسٽي جي عملي جو شاندار استقبال ڪيو ۽ ملڪن جي وچ ۾ سفارتي لاڳاپن جي اهميت ۽ ضرورت تي زور ڏنو، قونصليٽ طرفان پروفيسرن ۽ شاگردن کي بين الطرفين لاڳاپن جي اهميت ۽ ڪردار پڻ سمجهايو ويو ته جيئن اهي روشناس ٿين جنهن يونيورسٽي جي عملي تي بهترين تاثر ڇڏيو ۽ ان ڳالھ کي پڻ اجاگر ڪيو ته تعليمي، تدريسي ۽ ثقافتي مٽاسٽا جي عمل کي هٿي وٺرائي وڃي ته جيئن ٻنهي ملڪن جي بانشندن جي حوصلا افضائي ٿئي، جنهن سان ٻنهي ملڪن جا ٻه طرفا لاڳاپا پڻ مضبوط ٿيندا ۽ ملڪن جي وچ ۾ باهمي تعاون کي به وڌيڪ فروغ ملندو، آخر ۾ يونيورسٽي جي عملي قونصليٽ جنرل جي اسٽاف جو شڪريو ادا ڪيو.