نوشھروفيروز ۾ مختلف مذھبي جماعتن پاران اسرائيلي جارحيت خلاف ريلي

فلسطينن تي اسرائيلي جارحيت سبب ھزارين بيگناھھ مسلمان شھيد ٿي چڪا آھن: اڳواڻ

نوشھروفيروز ۾ مختلف مذھبي جماعتن پاران اسرائيلي جارحيت خلاف ريلي

نوشھروفيروز( د ر)شيعا علماء ڪائونسل۔ مڪاتب پاڪستان۔ اصغريه آرگنائيزيشن يونٽ ڳوٺ مٺاخان مري پاران اسرائيل جي فلسطين مٿان جارحيت خلاف مدرسه نور مصطفي مان معصوم ٻارڙن جي ريلي ڪڍي احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو۔ ريلي ۾ شامل ٻارڙا اسرائيل مرده آباد جا زوردار نعرا هڻي رهيا هئا۔ ان موقعي تي مولانا محب علي منوري۔ مهدي رضا ۽ ٻين فلسطيني مسلمانن سان يڪجھتي جو اظھار ڪندي چيو ته اسرائيل پاران فلسطينين کي بي گناھ ٽارگيث بڻائي قتل ڪرڻ جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪريون ٿا ۽ اسرائيل جي ظلم خلاف عالمي سطح تي سگھارو آواز اٿاريو وڃي. هنن چيو ته اسرائيل پاران سرعام فلسطيني ٻارڙن۔ عورتن ۽ عام شھرين کي ٽارگيٽ ڪيو پيو وڃي جيڪا وڏي دهشتگردي آھي ان باوجود اقوام متحده جو خاموش رھڻ اسرائيل جو ساٿاري هجڻ جو ثبوت آھي۔ هنن مطالبو ڪيو ته فلسطين مٿان اسرائيل جي جاري حملن کي روڪي فلسطين کي آزاد ڪرايو وڃي ۽ انساني حقوق جون تنظيمون سامهون اچي ڪري فلسطينين جي مدد ڪن۔