نادر مگسي پنھنجون ڌمڪيون پاڻ وٽ رکي، ھو ھڪ قدم وڌائيندو تھ اسان 2 قدم اڳتي وڌنداسين: سردار چانڊيو جي ڌمڪي

مير نادر مگسي جيڪا سياست ڪري پاڻ کي چمڪائڻ جي ڪوشش ڪري رھيو آهي

نادر مگسي پنھنجون ڌمڪيون پاڻ وٽ رکي، ھو ھڪ قدم وڌائيندو تھ اسان 2 قدم اڳتي وڌنداسين: سردار چانڊيو جي ڌمڪي

شھدادڪوٽ : پ پ پ جي اڳوڻي ايم پي اي سردار خان چانڊيو چيو آهي ته مير نادر مگسي پاران مون مٿان لڳايل الزامن کي رد ٿو ڪيان انهن ڳالهين ۾ ڪا به صداقت نه آهي مير نادر مگسي جو نالو قتل ڪيس ۾ مقتول غلام سرور چانڊيو جي نياڻي قرآن پاڪ کڻي چئي رھي آهي

منهنجي بابا غلام سرور چانڊيو کي مير نادر مگسي مارايو آهي ۽ منهنجي بابا جو قاتل آهي سندس نالو ايف آئي آر ۾ داخل ڪرڻ جو مطالبو ڪري رھيا آهن .

اسان ٻئي ڀائر ميھڙ جي عدالت ۾ موجود ھئاسين اسان جو ڪيس عدالت ۾ ھلي رھيو ھيو انهيَ ڏينهن تي غلام سرور چانڊيو کي قتل ڪيو ويو

اسان کي غلام سرور جي قتل جي خبر شام جو جڏهن ڪورٽ مان نڪتاسين ته پئي سوشل ميڊيا تي مقتول غلام سرور چانڊيو جي نياڻي قرآن پاڪ مٿي تي کڻي چئي رھي آهي ته منهنجي با با غلام سرور چانڊيو کي مير نادر مگسي قتل ڪرايو آهي

مير نادر مگسي منهنجي بابا جو قاتل آهي ھاڻي قرآن پاڪ سچو آهي يا نادر مگسي سچو آهي اھو قانون ئي بھتر نموني ڄاڻي ۽ سمجهي سگهي ٿي .

مير نادر مگسي جي سرپرستي ۾ شھدادڪوٽ ۽ ميھڙ ۾ منشيات سري عام ھلي رھيو آهي .

ميھڙ ۾ ام رباب چانڊيو جا ڀائر مير نادر مگسي جي سرپرستي ۾ سري عام منشيات ھلائي رھيا آهن منشيات فروشن جي سرپرستي مير نادر مگسي ڪري رھيو آهي

ميھڙ واقعي ۾ اسان مٿان جيڪو فريادي آهي ام رباب جي چاچي کي مير نادر مگسي نوڪري جو آرڊر ڏنو آهي انهيَ جي باوجود به مير نادر مگسي ميڊيا تي ڳالهائي ٿو ته مان ام رباب چانڊيو جي شڪل نه ڏٺو آهي باقي ام رباب چانڊيو جي ڀائرن کي پنهنجي گاڏي جي فرنٽ سيٽ تي کڻي گهمائي ٿو ۽ سندس بنگلي تي اچن وڃن ٿا ۽ مختلف ڪيسن ۾ ام رباب چانڊيو جي ڀائرن جي سپورٽ ۽ مدد ڪري رھيو آهي .

اسان کي سموري خبر ۽ ڄاڻ آهي ته مير نادر مگسي اسان جي مخالفن ام رباب چانڊيو ۽ ڀائرن سان گڏجي ڪري اسان جي مخالفت ڪري رھيو آهي

مير نادر مگسي جي اسان کي سڀ ڪجهه خبر آهي باقي مير نادر مگسي جيڪا سياست ڪري پاڻ کي چمڪائڻ جي ڪوشش ڪري رھيو آهي

مير نادر مگسي جي سياست ھاڻي ختم ٿي وئي آهي . مير نادر مگسي جي ڌمڪين جي اسان کي پرواهه نه آهي مير نادر مگسي اسان جي خلاف ھڪ قدم کڻندو ته اسان 2 قدم اڳتي وڌنداسين

۽ منهن ٽوڙ جواب ڏينداسين مير نادر مگسي ياد ڪندو مير نادر مگسي اسان کي ڏنل ڌمڪيون پاڻ وٽ رکي ڇڏي .