رورل هيلٿ سينٽر مٺياڻي ۾ نئين ميٽرنٽي هوم سينٽر جو افتتاح

ميٽرنٽي هوم يونٽ سبب ھاڻي مٺياڻي واسين کي ٻي شھر وڃڻ جي ضرورت نھ پوندي: ڊي سي نوشھروفيروز

رورل هيلٿ سينٽر مٺياڻي ۾ نئين ميٽرنٽي هوم سينٽر جو  افتتاح

نوشھرو فيروز (ڊ ر) رورل هيلٿ سينٽر مٺياڻي ۾ نئين ميٽرنٽي هوم رورل هيلٿ سينٽر مٺياڻي جو افتتاح ڪيو ويو ۔ افتتاح ڊي سي نوشھروفيروز محمد ارسلان سليم ۔ ڊاڪٽر اسدالله ڪلهوڙو ۔ ايم ايس ڊاڪٽر غلام رسول سولنگي - ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڪئي وئي ۔ ان موقعي تي ڊي سي نوشھروفيروز ارسلان محمد سليم ۔ ڊي ايڇ او نوشھروفيروز اسدالله ڪلهوڙو ۽ ايم ايس (آر ايڇ سي ) مٺياڻي ڊاڪٽر غلام رسول سولنگي ۽ ٻين جو چوڻ هو ته مٺياڻي ۽ ڀرپاسي جي ماڻھن کي هن ميٽرنٽي هوم يونٽ رورل هيلٿ سينٽر مٺياڻي جي افتتاح کانپوء مٺياڻي واسين کي نوشھروفيروز يان نواب شاھ جي وڃڻ جي ضرورت ن پوندي ۔ هن ميٽرنٽي هوم ۾ ماهر ڊاڪٽرياڻيون عورتن کي چڪاس ڪري مفت دوائون ڏئي مريضن کي گهڻي کان گھڻيون سھولتون فراھم ڪيون وينديون ۔ جڏهن ت هتي عورتن جي مفت ڊليوري پڻ ڪئي ويندي ۔