English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
جنگشاهي جي ٻن اڳوڻن ڪائونسلرن ۽ بااثر شخصيتن جا گرفتاري وارنٽ جاري
views
|
12th Oct 2023
•
سنڌي خبرون
عدالت اڳوڻن ڪائونسلرن محمد زمان بروھي ۽ منور نواز بروھي جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا
ٺٽو( شفيق ڀٽي) جنگشاهي جي ٻن اڳوڻن ڪائونسلرن ۽ بااثر سياسي شخصيتن جا ٺٽي جي عدالت آر او پلانٽن جون سولر پليٽون چوري ٿيڻ واري ڪيس ۾ گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا آھن، ٺٽي جي فرسٽ سول جج ۽ جوڊيشل مئجسٽريٽ شھباز احمد شيخ جي عدالت جنگشاهي لڳ ڳوٺ سبز علي بروهي جي آر او پلانٽ مان هڪ سئو کان مٿي سولر پليٽون چوري ڪرڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، جنھن ۾ مڪلي ٿاڻي تي داخل سولر پليٽون چوري ڪرڻ واري ايف آءِ آر ۾ نامزد ۽ فرار ٿيل ٻن جوابدار اڳوڻن ڪائونسلرن محمد زمان بروهي ۽ منور نواز بروهي جي گرفتاري جا وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا آھن، جن ۾ اڳوڻو ڪائونسلر منور نواز بروهي يوسي ڪوهستان 7 ڀاڱي 4 جنگشاهي ۾ پيپلزپارٽي جو جنرل سيڪريٽري پڻ آھي. واضع رهي ته مڪلي پوليس ڳوٺ سبز علي بروهي ۾ ڪروڙين روپين جي لاڳت سان واٽر سپلاءِ جي اهم اسڪيم آر او پلانٽ جي 100 کان مٿي سمورين سولر پليٽن ۽ مشينري کي چوري ڪيو ويو هو، جنھن کانپوء مقامي ڳوٺاڻن جي نشاندهي تي مڪلي پوليس ڪيس داخل ڪري 5 جوابدارن کي گرفتار ڪيو هو، جيڪي هن وقت ضمانت تي آھن، ھن ڪيس ۾ نامزد 3 بااثر جوابدار منور نواز بروهي، محمد زمان بروهي ۽ گل محمد بروهي مسلسل روپوش آھن. جنگشاهي جي وڏي ڪوهستاني ڳوٺ سبز علي بروهي جي واٽر سپلاءِ اسڪيم جي آر او پلانٽ جون سموريون سولر پليٽون ۽ مشينون چوري ٿي وڃڻ ڪري ڪيترن ئي مهينن کان ڳوٺاڻن جي پيئڻ جو پاڻي بند ھجڻ ڪري علائقي واسي پيئڻ جي پاڻي لاء پريشان بڻيل آھن. جن وس وارن کان انصاف جو مطالبو ڪندي کين پيئڻ جو پاڻي مھيا ڪري جوابدارن کي گرفتار ڪري کين سخت سزائون ڏيارڻ جي گھر ڪئي آھي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
19th Oct 2025
•
شوبز
عریاں مواد کا الزام: ریئلٹی شو "لازوال عشق" کے خلاف عدالت میں درخواست دائر
19th Oct 2025
•
کھیل
ٹیسٹ چیمپئن کے خلاف سیریز جیتنے کا بہترین موقع ہے: اظہر محمود
19th Oct 2025
•
تازہ ترین
گندم پالیسی منظور، قیمت 3500 روپے فی من مقرر
19th Oct 2025
•
تازہ ترین
جنگ بندی معاہدہ خوش آئند، افغان سرزمین سے دہشتگردی کی روک تھام کے لیے اقدامات ضروری ہیں: اسحاق ڈار
19th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
فوجي فرٽيلائزر ڪمپني (ايف ايف سي) پورٽ قاسم طرفان سونا فٽبال ڪپ منعقد
19th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ڊي سي ٺٽو پاران مقامي نوجوانن کي روزگار ۾ اوليت ڏيڻ جي هدايت
19th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز: قومي شاهراهه تي خوفناڪ حادثو، 8 ڄڻا زخمي
19th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ملير: سي آءِ اي پوليس پاران ٻن دهشتگردن کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
ٺٽو
جنگشاهي
ڪائونسلرن
بااثر
0 تبصرے