English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
نصيرآباد ويجھو ڳوٺ ٿرڙي ھاشم جي تاريخي اسڪول مان پراڻو رڪارڊ ۽ ٻيو سامان چوري
300 views
|
06th Oct 2023
•
سنڌي خبرون
اڻڄاتل چور رڪارڊ سميت ٻيو سامان بھ کڻي ويا آھن، اسڪول جي تاريخ جي ھٿ چراند ڪئي وئي آھي: ھيڊ ماستر حماد اللھ تنيو
وڳڻ (رپورٽر) ضلعي قمبر شهدادڪوٽ تعلقي نصيرآباد جي يوسي چئوديرو ۾ قائم قديمي ڳوٺ ٿرڙي ھاشم جي تاريخي اسڪول مان اڻڄاتل جوابدار پراڻو رڪارڊ ۽ ٻيو سامان چوري ڪري ويا آهن. تعليم دشمن عنصرن گورنمينٽ بوائز پرائمري اسڪول جي آفيس جا تالا ٽوڙي سيف ڀڃي سمورو اھم رڪارڊ جنھن ۾ 1883 کان وٺي ھلندڙ سال تائين جا چار جلد ٿيل جنرل رجسٽر۔ رزلٽ شيٽس۔ داخلا ٽوڪن سرٽيفڪيٽ۔ڊيڊ اسٽاڪ رجسٽر۔ روانگي رجسٽر۔ وزيٽرس بڪ ان وقت کان اڄ تائين سانڍيل استاد صاحبان جا مسٽرول رجسٽر ۽ ٻيو ڪيترو ئي قيمتي اثاثو شامل آھي۔جنھن ۾ انگريزن جي زماني کان وٺي پڙھندڙ ڳوٺ جي ماڻھن ۽ اڄ تائين داخل ٿيل شاگردن جو اھم رڪاڊ شامل آھي جيڪو چوري ڪيو ويو آھي. اسڪول جي هيڊ ماستر استاد حمادالله تنيو ميڊيا سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته ٻئي سامان سميت تاريخي رڪارڊ جي چوري ڪرڻ وارو عمل تعليم دشمن عنصرن جي حاسد سوچ ۽ پڙھيل لکيل ماڻھن کي تڪليف ڏيڻ برابر آهي، آئون ڳوٺ جي ھر ذي شعور ۽ پڙھيل لکيل فرد کي اپيل ٿو ڪريان ھن ھيڏي وڏي ھاڃي جنھن ۾ اسان ۽ اسان جي اولاد جو مستقبل سمايل آھي ان اھم رڪاڊ جي واپسي لاء ھر فورم تي ڀرپور آواز اٿاريو وڃي. هن استادن جي نمائدنگي ڪندڙ تنظيم پ ٽ الف جي عهديدارن کي به گذارش ڪئي ته ھي پھريون دفعو ناھي جو اسان جي اسڪول جو نقصان ٿيو ھجي ھن کان اڳ چار مھينا پھريان اسڪول جي ڪمرن جا تالا ٽوڙي ست پکا چوري ڪيا ويا، جنھن جي اين سي وڳڻ پوليس اسٽيشن تي داخل ٿيل آھي. ان جو ازالو به ھينئر تائين نه ٿي سگھيو آھي۔ اسڪول جي هيڊ ماستر استاد حمادالله تنيو لاڳاپيل اختيارين ۽ سنڌ جي ساڃاهه وند، تعليم دوست ڌرين کي پڻ اپيل ڪئي آهي ته ھن اھم معاملي ۾ پنھنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪري تاريخي رڪارڊ واپس ڪرائڻ ۾ سندن مدد ڪئي وڃي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
07th Sep 2026
•
سندھ
سولنگی ویلفیئر آرگنائزیشن کے وفد کی ٹنڈو محمد خان بار ایسوسی ایشن کے صدر سے ملاقات، اہم شخصیات کی شمولیت کا اعلان
07th Sep 2026
•
پاکستان
طبی تعلیم میں اسلام آباد میڈیکل اینڈ ڈینٹل کالج کے اے آئی پروگرام کی پی ایم ڈی سی کی پذیرائی
06th Sep 2026
•
پاکستان
مزدوری کیلئے جانے والا نوجوان ڈھائی ماہ سے لاپتہ، اہلخانہ کا بازیابی کا مطالبہ
06th Sep 2026
•
سندھ
کراچی پریس کلب کی فیملی پکنک، وائلڈ وینچر واٹر پارک میں صحافیوں اور اہل خانہ نے یادگار دن گزارا
07th Sep 2026
•
سندھ
سولنگی ویلفیئر آرگنائزیشن کے وفد کی ٹنڈو محمد خان بار ایسوسی ایشن کے صدر سے ملاقات، اہم شخصیات کی شمولیت کا اعلان
07th Sep 2026
•
پاکستان
طبی تعلیم میں اسلام آباد میڈیکل اینڈ ڈینٹل کالج کے اے آئی پروگرام کی پی ایم ڈی سی کی پذیرائی
06th Sep 2026
•
پاکستان
مزدوری کیلئے جانے والا نوجوان ڈھائی ماہ سے لاپتہ، اہلخانہ کا بازیابی کا مطالبہ
06th Sep 2026
•
سندھ
کراچی پریس کلب کی فیملی پکنک، وائلڈ وینچر واٹر پارک میں صحافیوں اور اہل خانہ نے یادگار دن گزارا
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
وڳڻ
ضلعي قمبر
شهدادڪوٽ
نصيرآباد
چئوديرو
ڳوٺ ٿرڙي ھاشم
تاريخي اسڪول
0 تبصرے