نادر مگسي جو سردار چانڊيو جي بيان تي رد عمل، جيڪو ڪري اھو لوڙي

سردار خان چانڊيو ڪوڙ ڳالهائي رھيو آھي ته ھن جو ڪوبه واسطو نہ آهي ھن پاڻ اعتراف ڪيو آهي

نادر مگسي جو سردار چانڊيو جي بيان تي رد عمل، جيڪو ڪري اھو لوڙي

شھدادڪوٽ: پ پ جي اڳوڻي ايم پي اي مير نادر علي مگسي سردار خان چانڊيو جي بيان تي رد عمل ڏيندي چيو آھي تھ منھنجو نالو ڪيس ۾ ڏيارڻ جو فريادن تي زور چانڊيا ڀائرن جو ھيو،

سردار خان چانڊيو ڪوڙ ڳالهائي رھيو آھي ته ھن جو ڪوبه واسطو نہ آهي ھن پاڻ اعتراف ڪيو آهي دوستن جي وچ ۾ ويھي

ھن چيو آهي ٿھ مان فريادن کي چيو آهي باقي مان ڪابه بلدياتي چونڊ نه هارائي آهي سردار خان چانڊيو ڪوڙ ڳالهائي رھيو آھي

مان پ پ پ جو آھيان ۽ وارھ نصيرآباد ۾ بہ پ پ پ جا ماڻهون بلدياتي اليڪشن ۾ بيھندا آھن مان پارٽي جي ماڻهن جي ورڪ ڪندو آهيان

ميھڙ واقعي ۾ سردار چانڊيو پاڻ اھڙي صورتحال پيدا ڪري رھيو آھي جھيڙو ڪنھن ٻئي جو ۽ ڪيسن ۽ فريادن ۾ ڪنھن ٻئي ماڻھن جا نالا اچن اھا وڏي ناجائزي آهي جيڪو ڪري ڀلي لوڙي