ڦورن 50 ورھين جي سب انسپيڪٽر عامر ولد حسين عباس کي قتل ڪري ڇڏيو
گڏاپ (محمد علي خاصخيلي)سائيٽ سپر هاءِ وي چاڪر هوٽل ويجهو ڦر مزاحمت تي ڏوھارين جي فائرنگ ۾ سب انسپيڪٽر شھيد ٿي ويو. تفصيل موجب ڪراچي جي علائقي سائٽ سپر هاءِ وي ٿاڻي جي حد چاڪر هوٽل ويجهو فائرنگ جو واقعو پيش آيو. جنھن جي نتيجي ۾ 50 ورھين جي سب انسپيڪٽر عامر ولد حسين عباس کي قتل ڪري ڇڏيو. واقعي جو اطلاع ملندي ئي حد جي پوليس پھچي ضروري قانوني ڪارروائي بعد لاش کي پوسٽ مارٽم لاءِ عباسي شهيد اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو. پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته مارجي ويل امير علي فيڊرل بي ايريا جو رهواسي هو ۽ گلبرگ شڪايتي سيل ۾ تعینات هو، مقتول وٽ پئسا موجود آھن، باقي مقتول جو پسٽل ۽ موٽرسائيڪل ناھي ملي سگھي. واقعو ڦرلٽ ۾ مزاحمت تي قتل جو لڳي ٿو. اختيارين جو چوڻ آهي ته عامر علي فائرنگ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، فائرنگ جي ڏي وٽ ۾ عامر علي کي سيني تي گوليون لڳيون، ڏوھاري موبائل فون ۽ پئسا ناھن کڻي ويا، رڳو پسٽل ۽ موٽر سائيڪل کڻي ويا آھن. واقعي جو اطلاع ملندي ئي ايس ايس پي اوڀر سيد عرفان بھادر جاء واردات تي پھچي ويو. ايس ايس پي اوڀر سيد عرفان بھادر صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته شھيد سب انسپيڪٽر عامر وادي حسين قبرستان کان واپس اچي رھيو ھيو. جنھن کي چاڪر ھوٽل ڀرسان اڻڃاتل ھٿياربندن فائرنگ ڪري شھيد ڪري ڇڏيو. شھيد سب انسپيڪٽر عامر کي سيني ۾ گولي لڳي جنھن سبب ھو فوت ٿي ويو. ايس ايس پي اوڀر چيو ته واقعو پراڻي دشمني آھي يان ڦر مزاحمت ان حوالي سان جاچ آھي
0 تبصرے