English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
سنڌ ۾ اٽي جي مد ۾ 77 ارب روپين جي ڪرپشن ڪئي وئي: راشد محمود سومرو
views
|
02nd Oct 2023
•
سنڌي خبرون
سنڌ جا وسيلا ، جزيرا سنڌ جون زمينون ، ڪارونجھر تائين پ پ پ جي 15 سالا دور حڪومت ۾ کپايو ويو
ميھڙ: جي يو آء سنڌ جي جنرل سيڪريٽري راشد محمود سومرو ميھڙ ۾ صحافين سان ڳالھائيندي چيو آھي ته سنڌ ۾ اٽي جي مد ۾ 77 ارب روپين جي ڪرپشن ، صحت کاتي جي 250 ارب بجيٽ جي باوجود اسپتالن ۾ اعلاج ميسر ناھي ، 58 ارب تعليم جي بجيٽ ھوندي 70 لک ٻار تعليم کان محروم آھن سنڌ جا ٻيٽ ، سنڌ جا وسيلا ، جزيرا سنڌ جون زمينون ، ڪارونجھر تائين پ پ پ جي 15 سالا دور حڪومت ۾ کپايون ويون ڄڻ اھا حڪمرانن جي اباڻي جاگير ھجي ان سڀني مسئلن جي حل لاء 22 آڪٽومبر کان 2 نومبر تائين احتجاجي مارچ ڪري رھيا آھيون ميھڙ سميت سموري سنڌ جا ماڻھو ھن ۾ ڀرپور شرڪت ڪن ھن چيو ته پي ڊي ايم جي حڪومت ملڪ بچائڻ لاء پنھنجو ڪردار ادا ڪيو پنھنجي سياست داء تي لڳائي ملڪ کي ڊفالٽ ڪرڻ کان بچايو جنھن جو نتيجو ھن وقت ڊالر ۽ تيل جي قيمتن ۾ گھٽتائي آئي آھي عمران حڪومت آء ايم ايف سان غلط معاھدو ڪيو ملڪ جو اقتدار اگر مذھبي اڳواڻن جي حوالي ڪيو وڃي ته بھتري ايندي 74 سالن ۾ ملڪ جو اقتدار مولوين وٽ ناھي رھيو مولوين تي ڪوبہ ڪرپشن جو ڪيس ناھي ، نيب زاده ناھن نه ئي وري ڪنھن آعلي عھدي تي رھيا آھن عوام ووٽ ذريعي تبديلي آڻي ملڪ ۾ مذھبي تنظيمن کي ٽارگيٽ ان ڪري ڪيو پيو وڃي جو مذھبي جماعتون جمھوريت جي ڳالھ پيون ڪن ملڪ اندر تبديلي آئين ذريعي چاھن ٿيون ملڪ ۾ ڪجھ ٽولا بندوق جي زور تي پنھنجون ڳالھيون مڃرائڻ چاھين ٿا انھن جي رستي ۾ اسان رڪاوٽ آھيون اھي بم ڌماڪا ۽ حملا اسان کي روڪي نه ٿيون سگھن ھڪ سوال جي جواب ۾ ھن چيو ته سنڌ ۾ پ پ پ مخالفن جو ھڪ گڏيل اتحاد ٿيندو جنھن ۾ مذھبي قومپرست ۽ سمورن پ پ پ مخالفن جماعتن کي ھڪ پليٽ فارم تي گڏ ڪيو ويندو جنھن علائقي ۾ جنھن جماعت جو وڌيڪ ووٽ ھوندو اھا سيٽ ان جماعت کي ڏني ويندي جنھن ۾ اسان ايم ڪيو ايم کي الڳ صوبي جي مطالبي تان دستبردار ڪيو آھي ٻيو ته ھاڻي ايم ڪيو ايم رڳو ڪراچي نه پر سموري سنڌ جي مسئلن تي آواز اٿاريندي ڪراچي ۽ اندروني سنڌ جا مسئلا ساڳيا آھن ته پوء سنڌ ڪارڊ ، مھاجر ڪارڊ ، قوميت جي بنياد تي ڪيترو قوم کي تقسيم ڪنداسين اسان جو سنڌ قوميت ، مذھبي .لساني ، قبائلي بنيادن تي وڌيڪ جھيڙن جو سبب نه ٿو ٿي سگھي مون ايم ڪيو ايم کي ھڪ سنڌ رھندي ۽ ڳالھ ٿيندي متفق ڪيو آھي ان کان اڳ راشد محمود سومرو ميھڙ ۾ مولانا مسعود پنھور ، مولانا عبدالله چانڊيو ، اظھار الحق صديقي ۽ ٻين سان گڏجي پريس ڪانفرنس ڪندي عوام کي ٿيندڙ احتجاجي مارچ ۾ شرڪت جي اپيل ڪئي جڏھن ته ميھڙ ۾ مختلف سياسي سماجي اڳواڻن سان ملاقات ڪري ٿيندڙ احتجاجي مارچ م شرڪت جي اپيل پڻ ڪئي
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
28th Sep 2025
•
سندھ
پاکستانی بزنس ٹائیکونز اور سماجی رہنماؤں کی شاندار خدمات — معیشت، سرمایہ کاری اور قومی یکجہتی میں اہم کردار
28th Sep 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
پاکستان کے معروف سوشل میڈیا فنکار، شاہد شہباز المعروف "بلوشی ویلاگ" کی کاميابی کا سفر
28th Sep 2025
•
سندھ
جس نے لاہور نہیں دیکھا وہ پیدا ہی نہیں ہوا،کراچی کے چار رکنی طلبہ کے وفد کا مطالعاتی دورہ لاہور
26th Sep 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
سرڪاري ملازمن جي پينشن تي به حڪمرانن جي بي حسي ..!!
28th Sep 2025
•
سنڌي خبرون
پ پ سدائين درواڙن قبيلن جي حقن کي تسليم ڪندي نمائندگي ڏني آهي: ڪملا ڀيل
28th Sep 2025
•
سنڌي خبرون
ڊاڪٽر شام سندر آڏواڻي جي صوبائي صلاحڪار ٿيڻ تي مٺايون ورهايون ويون
28th Sep 2025
•
سنڌي خبرون
گمبٽ: قومي شاهراهه تي حادثي ۾ معصوم ٻارڙي سميت 2 ڄڻا فوت، 5 زخمي
28th Sep 2025
•
سنڌي خبرون
سنڌ حڪومت سرڪاري ملازمن جو معاشي قتل بند ڪري، پ پ ملازمن سان ڊبل پاليسي کيڏي رھي آھي: اياز لطيف پليجو
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
ميهڙ
راشد محمود سومرو
Rashid mahmood soomro
JUI
0 تبصرے