ميهڙ ۾ غلام سرور چانڊيو جي قتل خلاف سندس وارث سراپا احتجاج

ٻيٽو جتوئي ڀرسان غلام سرور چانڊيو کي بيگناهه قتل ڪيو ويو، ڪيس به اسان جي مرضي تي داخل ناهي ڪيو ويو: وارث

ميهڙ ۾ غلام سرور چانڊيو جي قتل خلاف سندس وارث سراپا احتجاج

ميھڙ 8 ڏينھن اڳ ٻيٽو جتوئي ڀرسان ھٿياربندن ھٿان قتل ٿيل غلام سرور چانڊيو جا قاتل گرفتار نه ٿي سگھيا ۽ قتل جو ڪيس وارثن جي مرضي جي ابتڙ سرڪاري مدعيت ۾ داخل ٿيڻ خلاف مقتول جي وارث مرد ۽ عورتن سميت معصوم نياڻين پاران صائمه ، ريشمان ،مسمات شھزادي چانڊيو ۽ ايس يو پي اڳواڻ حاجي خان مارفاڻي جي اڳواڻي ۾ پنجين ڏينھن بہ نيشنل پريس ڪلب ميھڙ اڳيان احتجاجي مظاھرو ڪري علامتي بک ھڙتال جاري رکي مقتول جي وارث عورتن ۽ معصوم نياڻيون پنھنجي والد جي قاتلن جي گرفتاري لاء روئيندي پاڪ ڪتاب کڻي احتجاج ڪندي شديد نعريبازي ڪندي لڙڪ لاڙي ويٺيون مقتول جي وارثن ۽ معصوم نياڻين دانھيندي چيو آھي ته اسان جي قتل ۾ پ پ پ اڳواڻ ۽ اڳوڻو صوبائي وزير نادر مگسي ملوث آھي پر ميھڙ پوليس قتل ڪيس ۾ ان جو نالو شامل نه پئي ڪري ھنن چيو ته اسان غريب آھيون نادر مگسي بااثر آھي ان ڪري اسان کي انصاف نه پيو ملي ھنن چيو ته ميھڙ پوليس وارثن کان بنا پڇڻ جي سرڪاري مدعيت ۾ قتل جو ڪيس داخل ڪيو آھي پر ميھڙ بي سيڪشن پوليس ھن وقت تائين ھڪ به جوابدار گرفتار نه ڪري سگھي آھي ھنن گھر ڪئي تہ مقتول غلام سرور جا قاتل گرفتار ڪري مقتول جو قتل ڪيس سندس وارثن جي مرضي موجب داخل ڪيو وڃي ۽ نادر مگسي کي قتل ڪيس ۾ شامل ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ اسان جو ھي احتجاج جاري رھندو