سجاول جي ڊي سي آفيس ۾ وڏي وزير جي ھدايتن تي حاضر ۽ رٽائرڊ ملازمن لاءِ کلي ڪچھري منعقد

ايڊيشنل فنانس سيڪريٽري رحيم بخش ميتلو جي سربراھي ۾ سرڪاري حاضر سروس ۽ رٽائرڊ ملازمن جا مسئلا ٻڏا ويا

سجاول جي ڊي سي آفيس ۾ وڏي وزير جي ھدايتن تي حاضر ۽ رٽائرڊ ملازمن لاءِ کلي ڪچھري منعقد

سجاول (رپورٽر) سنڌ جي نگران وڏي وزير جي خصوصي ھدايت تي حاضر ۽ رٽائرڊ ملازمن جي فوري مسئلن جي حل لاءِ ڊپٽي ڪمشنر آفيس سجاول م کليل ڪچهري منعقد سنڌ جي نگران وڏي وزير جسٽس رٽائرڊ مقبول باقر جي خصوصي هدايت تي ڊسٽرڪٽ اڪائونٽس آفيس سجاول سان لاڳاپيل حاضر سروس ۽ پينشنرن جي شڪايتن جي حل لاءِ ايڊيشنل فنانس سيڪريٽري (بي اينڊ اي) رحيم بخش ميتلو جي سربراھي ۾ ڊي آءِ جي (ٽريزري) اقبال احمد شيخ، ڊپٽي ڪمشنر عبدالواجد شيخ، ڊسٽرڪٽ اڪائونٽس آفيسر غلام حيدر خان راجپوت ۽ اڪاؤنٽنٽ جنرل سنڌ ڪراچي جي نمائيندن تي مشتمل جوڙيل ڪميٽيءَ پاران ڊپٽي ڪمشنر آفيس سجاول ۾ کليل ڪچهري منعقد ڪري سندن شڪايتون ۽ مسئلا ٻُڌا ويا
جڏھن تہ فوري حل طلب مسئلن جي حل لاءِ موقعي تي ئي لاڳاپيل عملدارن کي حُڪم پڻ جاري ڪيا ويا. ان موقعي تي ڪميٽي جي سربراہ ايڊيشنل فنانس سيڪريٽري (بي اينڊ اي) رحيم بخش ميتلو چيو تہ رٽائرڊ ملازمن جي ايل پي آر، گريجوئٽي ۽ ڪميوٽيشن جي مد ۾ بقايا رقم جي ادائگي لاءِ 15 کان 20 ڏينھن اندر فنانس کاتي پاران رقم جاري ڪئي ويندي. ھُن ڊسٽرڪٽ اڪائونٽس آفيس جي عملدارن کي ھدايت ڪئي تہ ھو رٽائرڊ ٿيندڙ ملازمن جي پينشن فوري طور تي اسٽارٽ ڪري جي پي فند جي ادائگي کي يقيني بڻائين تہ جيئن کين پريشاني کان بچائي سگهجي.
ھن چيو تہ سائلين جا جائز مسئلا بنا ڪنھن فرق ۽ رنڊڪ جي اوليت جي بنياد تي حل ڪيا وڃن، جائز ڪمن ۾ رنڊڪ وجهندڙ ۽ بدعنواني ۾ ملوث عملدارن خلاف سخت ڪاروائي عمل ۾ آندي ويندي. ان موقعي تي نون ڀرتي ٿيل آئي بي اي پاس اُستادن پاران رھيل پگهارن جي ادائگي بابت ڪيل شڪايت تي ھُن چيو تہ رھيل پگهارن جي ادائگي ڊسٽرڪٽ اڪائونٽس آفيس ذريعي مرحلي وار شروع ڪئي وئي آھي جلد کين مڪمل ادائگي کي يقيني بنايو ويندو.
ان موقعي تي صحت، تعليم، آبپاشي، ڊرينيج، روينيو، ھاءِ وي، اوقاف، پوليس ۽ ٻين مختلف کاتن جا عملدار ۽ ملازم پڻ موجود ھئا.