ڪراچي ۾ سرعام صحافين کان ڦر، ويسٽ پريس ڪلب اڳيان قلم ڌڻين جو احتجاج

ڦورو صحافين عبدالعليم ميمڻ ۽ نبي بخش خاصخيلي کان هٿيارن جي زور تي ڦرلٽ ڪري فرار ٿي ويا

ڪراچي ۾ سرعام صحافين کان ڦر، ويسٽ پريس ڪلب اڳيان قلم ڌڻين جو احتجاج

گڏاپ(رپورٽر اعجاز چانڊيو)ڪراچي صحافين کان ڦر ٿيل سامان واپس نه ٿي سگھيو گلشن معمار پوليس ڪاروائي ڪرڻ بجائي اگھور ننڍ ستل واقعي جو ڪيس داخل ھجڻ باوجود چاج پوليس ڪوبه رابطو نه ڪيو پوليس جي اھڙي روئي خلاف ويسٽ پريس ڪلب اڳيان صحافين جو احتجاج پوليس خلاف نعريبازي اعلي اختيارن کان نوٽيس وٺي ڦر ٿيل سامان واپس ڪرائڻ جو مطالبو
تفصيل موجب گذريل ڏينهن نادرن بائي پاس عباس ڪٽ ڀر سان ون ٽو فائي موٽرسائيڪل سوار ٻن هٿياربندن سرعي عام ڏينھن ڏٺي بزرگن ربيع الاول جي جلوس جي ڪوريج تان موٽندڙ ويسٽ پريس ڪلب جي جنرل سيڪريٽري عبدالعليم ميمڻ. گڏاپ نيشنل پريس ڪلب جي صدر نبي بخش خاصخيلي کان مڊيا جا لوگو. پريس ڪارڊ. موبائل فونون. پرس. ڪيش 18000ھزار ۽ ضروري سامان ڦر ڪري فرار ٿي ويا.
جنھن جو ڪيس گلشن معمار ٿاڻي تي داخل ٿيڻ باوجود پوليس ڏوھارين خلاف ڪابه ڪاروائي نه ڪري سگھي. ڪيس جي آء او پاران ڪوبه رابطو نه ڪرڻ ۽ ڪيس ۾ اڳڀرائي نه ٿيڻ خلاف ويسٽ پريس ڪلب ٻاهران صحافين توڙي شھرين صدر اصغر پاتاڻي. عبدالعليم ميمڻ. نبي بخش خاصخيلي. نظير بھار وڌيو. محمد علي وگھيو. منصور چانڊيو. عبدالوهاب پھوڙ. امداد لغاري. سردار مگسي ۽ ٻين گلشن معمار جاچ پوليس جي ڪيس ۾ عدم دلچسپيءَ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري سخت نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي صحافين چيو ته گلشن معمار پوليس عوام کي تحفظ ڏيڻ ۾ مڪمل طور ناڪام ٿي چڪي آهي.
ڏينھن ڏٺي سرعام نادرن باءِ پاس تي ڏوھاري ڦر ڪن پيا جن خلاف پوليس ڪابه ڪاروائي نٿي ڪري. ھنن چيو ته ٿورڙي مفاصلي تي پوليس جي پڪٽ قائم آھي جيڪا صرف شھرين کي تنگ ڪرڻ لاء مقرر ٿيل آھي شھرين جي جان ۽ مال جي ھنن کي ڪابه پرواھ ناھي.
ھنن چيو ته صحافين کان ڦر جا جوابدار ٻه ڏينھن گذرڻ باوجود پوليس گرفتار ناھي ڪري سگھي ۽ نه ئي ڪيس جي آئي او پاران ڪو رابطو ڪيو ويو آهي جيڪا سراسر پوليس جي نااهلي جو چٽو ثبوت آهي.
نادرن باءِ پاس تي ڪوبہ پوليس جو گشت ناھي پوليس صرف قبضن جي جاين توڙي علائقي۾ ھلندڙ سماجي براين تان اوڳاڙي ۾ مصروف آھي.
ھنن آء جي سنڌ. ايڊيشنل آء جي سنڌ. ايس ايس پي اولھ کان مطالبو ڪيو ته فوري طور نااھل ايس ايچ او گلشن معمار ۽ ڪيس جي تفتيشي آفيسر خلاف قانوني ڪاروائي ڪري صحافين کان ڦر ٿيل سامان واپس ڪرايو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وسيع ڪيو ويندو