سنڌ جو ڪو ٻار دهشتگرد ناهي.48 ڪلاڪن کان لاش رستي تي رکيل آهن پر ايف آئي آر داخل نٿي ڪئي وڃي.ڊاڪٽر قادر مگسي

سنڌ ترقي پسند پارٽي ماڙي جلباڻي واقعي خلاف سڀاڻي سڄي سنڌ ۾ احتجاج جو اعلان ڪري ڇڏيو

سنڌ جو ڪو ٻار دهشتگرد ناهي.48 ڪلاڪن کان لاش رستي تي رکيل آهن پر ايف آئي آر داخل نٿي ڪئي وڃي.ڊاڪٽر قادر مگسي

حيدرآباد:سنڌ ترقي پسند پارٽي ماڙي جلباڻي واقعي خلاف سڀاڻي سڄي سنڌ ۾ احتجاج جو اعلان ڪري ڇڏيو

ايس ٽي پي سربراه ڊاڪٽر قادر مگسي جو چوڻ آھي تھ سڪرنڊ واقعي ۾ ضياءِ جي دور 1983ع جيئان بيگناھ ڳوٺاڻن کي شهيد ڪيو ويو.12 ربيع اول جي ڀلاري رات اسان جي گهرن ڏانهن لاش موڪلي معصوم نياڻين کي گوليون هڻي زخمي ڪيو ويو

سنڌ جي نگران گهرو وزير جو واقعي بابت ڏنل بيان انتهائي افسوسناڪ آهي. جنهن زخمن تي ملم رکڻ بدران لوڻ ٻرڪيو آهي.



جيڪڏهن سنڌين کي پاڪستان جو شهري ۽ برابر جو حصيدار سمجهو ٿا ته حڪمرانن کي فوري واقعي جو نوٽيس وٺي ملوث پوليس ۽ رينجرس اهلڪارن خلاف ڪاروائي ڪرڻ گهرجي

48 ڪلاڪن کان لاش رستي تي رکيل آهن پر ايف آئي آر داخل نٿي ڪئي وڃي.

چيف جسٽس آف پاڪستان معاملي جو نوٽيس وٺي هاء ڪورٽ جي هڪ جج جي اڳواڻي ۾ عدالتي ڪميشن جوڙڻ جو حڪم ڏي ته جيئن اها ڪميشن واقعي جو اوپن ٽرائل ڪري.

سنڌ جو ڪو ٻار دهشتگرد ناهي. سنڌ جا ماڻهو سياسي جدوجھد جي وسيلي پنهنجا حق ضرور گهرن ٿا پر ڪنهن پر تشدد ڪاروائي ۾ يقين نٿا رکن.

واقعي جي عدالتي جانچ ڪرائڻ سان گڏ وارثن جي مرضي موجب ڪيس داخل ڪيو وڃي.

جيڪڏهن حڪمرانن سنجيدگي نه ورتي ته سنڌ ۾ اڻ کٽ احتجاجن جو سلسلو شروع ٿي ويندو جيڪو حڪمرانن لاءِ سنڀالڻ مشڪل ٿي ويندو ان ڪري سنڌ کي ديوار سان نه لڳايو وڃي.

سنڌ ترقي پسند پارٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي چيو ته ڇنڇر جي ڏينهن سڄي سنڌ ۾ ڀرپور احتجاج ڪيو ويندو.