English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
نوشھروفيروز ۾ دل جي بيمارين کان بچاء جي عالمي ڏينهن تي جاڳرتا ريلي ڪڍي وئي
views
|
28th Sep 2023
•
سنڌي خبرون
روزاني 25 منٽ واڪ ڪرڻ. شگر بلڊپريشر کي ڪنٽرول ڪرڻ سان دل جي دورو ۽ دل ٻين بيمارين کان بچي سگهون ٿا: ڊاڪٽرز
نوشھروفيروز (ڊر) دل جي بيمارين کان بچاء جي عالمي ڏينهن جي مناسبت سان سول اسپتال نوشھروفيروز کان جاڳرتا ريلي ڪڍي ويئي ان موقعي تي دل جي بيمارين جي ماهر ڊاڪٽرن ڊاڪٽر سعيد احمد جلباڻي، ڊاڪٽر محمد صفر چنه، ڊاڪٽر سيد نثار احمد شاهه، ڊاڪٽر اعجاز علي ميمڻ ڊاڪٽررحمت الله سومرو چيو آهي ته کائڻ پيئڻ جي شين ۾ پرهيز ڪرڻ. روزاني 25 منٽ واڪ ڪرڻ. شگر بلڊپريشر کي ڪنٽرول ڪرڻ سان دل جي دورو ۽ دل ٻين بيمارين کان بچي سگهون ٿا. اڳ ۾ وڏي ڄمار جي ماڻهن ۾ دل جون بيماريون ٿينديون هيون پر هاڻي نوجوان ڪيريئر شروع ڪرڻ کان اڳ ۾ ئي دل جي بيمارين ۾ مبتلا ٿي وڃن ٿا. چيو آهي ته دل جي بيمارين کان بچڻ لاءِ بيمارين بابت آگاهي ڏيڻ ضروري آهي.هنن چيو ته دنيا ۾ 45 سيڪڙو ماڻهو دل جي بيمارين سبب مري وڃن ٿا. دل جي بيمارين جي ڀيٽ ۾ ٻين بيمارين ۾ ايتري موت ناهي ناهي ٿيندي. ڪينسر وگهي 5 سيڪڙو ماڻهن جو موت ٿئي ٿو. هنن وڌيڪ چيو ته دنيا دل جي بيمارين تي ڪنٽرول ڪري رهي آهي پر اسان ويتر دل جي بيماري ۾ وٺجي رهيا آهيون. هنن چيو ته اڳ ۾ ماضي ۾ نوجوانن ۾ دل جون بيماريون نه هيون. هاڻ 30 سالن جا نوجوان دل جي بيمارين جو شڪار ٿي اسپتالن ۾ اچن ٿا. نوجوان کاڌي پيتي ۾ احتياط نٿا ڪن. اڳ ۾ اها بيماري عورتن ۾ نه هئي. هاڻ 25 ورهين جي عورتن ۾ به دل جي بيماري وڌي رهي آهي. پهرين 60 سالن کانپوءِ عورتن ۾ دل جي بيماري ٿيندي هئي. هنن چيو ته اسان کائڻ ۾ احتياط ڪريون ته مرڻ جي رفتار گهٽ ٿي ويندي. هنن چيو ته دنيا ۾ هڪ ڪروڙ 85 لک ماڻهو دل جي بيماريء سبب مري وڃن ٿا. جڏهن ته هن بيمارين کان بچي سگهجي ٿو. بلڊپريشر ۽ شگر کي ڪنٽرول ڪيو وڃي. شگر جي بيماري دوران دل جي دورو جا چانس وڌيڪ هوندا آهي. شگر ٿيڻ شرط پهريون اٽيڪ دل جو به ٿي سگهي ٿو. پنهنجو وزن گهٽ ڪيو. سگريٽ بند ڪيو وڃي. کنڊ ۽ چڪناهٽ واريون شيون بند ڪيون وڃن. هنن چيو برگر فاسٽ فوڊ ۽ برگر جي دڪانن جي ڀرمار سان به دل جي بيمارين ۾ واڌ ٿي رهي آهي. هن بيماري جو غريب ماڻهو گهٽ شڪار ٿين ٿا. اهي ڪم وڌيڪ ڪن ٿا. هنن چيو ته ماحوليات تبديلي به اثر ڪري ٿي. نفسياتي بيماريون به دل جي تڪليف جو وڏو سبب بڻجي رهيون آهن. اسٽريس وڌي رهيو آهي هنن چيو ته واڪ سان دل کي سڪون ملندو. اڄڪلهه بيماري ۾ پورو خاندان تباهه ٿي رهيو آهي انهن کي بچايو وڃي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
09th Nov 2025
•
پاکستان
عالمی حفاظتی ٹیکہ جات کا دن — صحت مند مستقبل کے لیے یکجا عزم
09th Nov 2025
•
تازہ ترین
محمود خان اچکزئی: آئین پر حملہ پاکستان پر حملے کے مترادف
09th Nov 2025
•
تازہ ترین
پارلیمانی کمیٹی میں 27ویں آئینی ترمیم پر غور و مشاورت کا اجلاس جاری
09th Nov 2025
•
دلچسپ اور عجیب
فرانس میں شہری کو اپنے باغ سے 8 لاکھ ڈالر مالیت کا سونا مل گیا
09th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
ٽنڊو الهيار: زرداري ڪالوني ۾ گهرو اڻبڻت تان مڙس هٿان مبينا طور زال قتل
09th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
ڪراچي ۾ ترقياتي ڪم صرف ايم ڪيو ايم پاڪستان ڪرائي سگهي ٿي: بشير رند
09th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
مورو جي شھيد بينظير ڀٽو پارڪ جي سونھن وڌائڻ لاءِ ڪم جاري آهي: نظير ميمڻ
09th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
مڪلي ۾ ڳوٺ صديق شورو واسي نوجوان جو مامي خلاف احتجاج
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
نوشھروفيروز
ڀ دل جي بيمارين
جاڳرتا ريلي
0 تبصرے