ڊي سي ٺٽو جي صدارت هيٺ پوليو مهم جي انتظامن جو جائزو وٺڻ بابت اھم گڏجاڻي

2آڪٽوبر کان شروع ٿيندڙ پوليو مهم دوران سمورا وسيلا ڪتب آندا وڃن: ڊي سي اسد علي خان

ڊي سي ٺٽو جي صدارت هيٺ پوليو مهم جي انتظامن جو جائزو وٺڻ بابت اھم گڏجاڻي

ٺٽو(محمد شفيق ڀٽي) ڊپٽي ڪمشنر اسد علي خان صحت کاتي سميت ٻين سمورن لاڳاپيل کاتن جي عملدارن ۽ اين جي اوز جي نمائندن کي هدايت ڪئي آھي ته هو 2 آڪٽوبر 2023ع کان شروع ٿيندڙ پوليو مهم دوران سمورا وسيلا ڪتب آڻيندي بهتر نتيجا حاصل ڪرڻ ۾ ڪا بہ ڪسر نه ڇڏين ۽ پنھنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪن . اهڙن خيالن جو اظهار هن دربار هال مڪلي ۾ ايندڙ پوليو مهم جي انتظامن جو جائزو وٺڻ بابت ڪوٺايل گڏجاڻي جي صدارت ڪندي ڪيو. ڊپٽي ڪمشنر پوليس عملدارن کي هدايت ڪئي ته ٽرانزٽ پوائنٽس تي پوليو ٽيمن سان ڀرپور تعاون ڪيو وڃي ته جيئن پبلڪ ٽرانسپورٽ تي سفر ڪندڙ ٻارن کي به آساني سان ڦڙا پياري سگهجن . ھن لاڳاپيل سمورن کاتن جي عملدارن ۽ اين جي اوز جي نمائندن کي ھدايت ڪئي ته هو مھم کي ڪامياب بڻائڻ لاءِ پوليو ٽيمن سان سھڪار ۽ مدد کي يقيني بڻايو وڃي - ڊپٽي ڪمشنر چيو ته پوري ضلعي ۾ گهر گهر پوليو ٽيمن جي موجودگي کي يقيني بڻايو وڃي ته جيئن ڪو به ٻار پوليو جا ڦڙا پيئڻ کان رهجي نه وڃي. ان موقعي تي اين اسٽاپ آفيسر ڊاڪٽر راجيش ڪمار گڏجاڻي کي ٻڌايو ته پوليو مهم بابت تمام تر انتظامات مڪمل ڪيا ويا آهن ۽ مقرر ڪيل حدف کي سو فيصد حاصل ڪيو ويندو - گڏجاڻي ۾ ايس ايس پي آفتاب نظاماڻي ، ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر ڊاڪٽر سيد صفدر علي شاهه ، ضلعي جا سمورا اسسٽنٽ ڪمشنر ، ڊسٽرڪٽ مئنيجر يونيسيف اعجاز جکرو، ، پي پي ايڇ آءِ، مرف، ڊبليو ايڇ او ۽ مختلف اين جي اوز جي نمائندن سميت صحت، تعليم، پوليس، لوڪل گورنمينٽ، اطلاعات ۽ ٻين لاڳاپيل کاتن جا عملدار پڻ موجود هئا. ان کان اڳ ڊپٽي ڪمشنر اسد علي خان ، ايس ايس پي آفتاب نظاماڻي ، ڊسٽرڪٽ ھيلٿ آفيسر ڊاڪٽر سيد صفدر علي شاهه سول اسپتال مڪلي ۾ ٻارڙن کي پوليو جا ڦڙا پياري مهم جو باقائدہ افتتاح ڪيو ۽ عوام ۾ پوليو بابت شعور ۽ آگاهي پيدا ڪرڻ لاءِ ريلي پڻ ڪڍي وئي.