جماعت اسلامي پاران آچر تي ڳاٽي ٽوڙ مھانگائي ۽ پئٽرول اگھن ۾ واڌ خلاف سنڌ ۾ احتجاج جو اعلان

هڪ مهيني اندر ٽي ڀيرا پيٽرول جي اگهن ۾ اضافو ڪري غريب عوام کان زنده رهڻ جو حق به کسيو ويو آهي: محمد حسين محنتي

جماعت اسلامي پاران آچر تي ڳاٽي ٽوڙ مھانگائي ۽ پئٽرول اگھن ۾ واڌ خلاف سنڌ ۾ احتجاج جو اعلان

ڪراچي/حيدرآباد (رپورٽرز)جماعت اسلامي سنڌ جي امير محمد حسين محنتي آچر24 سيپٽمبر تي پيٽروليم مصنوعات جي اگهن ۾ ڳاٽي ٽوڙ اضافي ۽ بدترين مهانگائي خلاف سنڌ ۾ احتجاج جو اعلان ڪندي چيو آهي ته هڪ مهيني اندر ٽي ڀيرا پيٽرول جي اگهن ۾ اضافو ڪري غريب عوام کان زنده رهڻ جو حق به کسيو ويو آهي، جماعت اسلامي حڪمرانن جي ظالماڻين قدمن ۽ آءِ ايم ايف جي غلاماڻي پاليسين خلاف جدوجهد جاري رکندي،
پشاور، لاهور ۽ ڪوئٽه کان پوءِ 06 آڪٽوبر تي گورنرهائوس ڪراچي تي ڌرڻو لڳايو ويندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن حيدرآباد پريس ڪلب تي پريس ڪانفرنس دوران ڪيو.
محمد حسين محنتي وڌيڪ چيو ته 24 سيپٽمبر آچر ڏهاڙي شام05 وڳي شهري پنهنجون گاڏيون روڊن تي جام ڪري ظلم، مهانگائي خلاف جماعت اسلامي جي تحريڪ جو حصو بڻجن،
سنڌ جي هر شهر ۾ اهم روڊن تي ٽريفڪ جام ڪري احتجاج رڪارڊ ڪرايو ويندو، حيدرآباد ۾ به شام 05 وڳي ڪوه نور چوڪ تي گاڏيون جام ڪري احتجاجي ڌرڻو لڳايو ويندو.
صوبائي امير جو وڌيڪ چوڻ هو ته پيٽرول ۽ ڊيزل مهانگو ٿيڻ ڪري ٽرانسپورٽ جي ڪراين ۾ واڌ سميت عام واهپي وارين شين جي اگهن ۾ پڻ ڳاٽي ٽوڙ اضافو ٿي چڪو آهي جنهن جو سمورو بار عام ماڻهن کي برداشت ڪرڻو ٿو پوي. حڪمران ، اشرافيه کي بجلي، پيٽرول جا بل ڏيڻ گهرجن، سرمائيدارن، وڏيرن ۽ جاگيردارن تي ان جو اثر نٿو پوي، پر عام ماڻهو تي بار وجهڻ ظلم اهي، اڳ ۾ چيو ويو ته ڊالر هيٺ ايندو ته پيٽرول جون قيمتون به گهٽجي وينديون،
هاڻي جڏهن ڊالر295 تي آيو ته پيٽرول 335 رپين تائين پهچي چڪو آهي جيڪو عوام سان سراسر ظلم آهي. ان موقعي تي اڳوڻو ايم پي اي مولانا عبدالوحيد قريشي، طاهر مجيد، جماعت اسلامي حيدرآباد جو جنرل سيڪريٽري عدنان دانش ۽ صد جي آءِ يوٿ عرفان قائم خاني پڻ موجود هئا.
هوڏانهن صوبائي امير پريس ڪلب حيدرآباد جي اڳوڻي صدر ۽ حيدرآباد يونين آف جرنلسٽ جي صدر ناصر شيخ جي ننڍي ڀاءُ ڪاشف شيخ جي وفات تي سندن گهر وڃي تعزيت ۽ مرحوم جي مغفرت لاءِ دُعا پڻ ڪئي.#