سجاول ۾ ڊپٽي ڪمشنر پاران سالياني ترقياتي پروگرام تحت ھلندڙ منصوبن جو جائزو

ڊپٽي ڪمشنر عبدالواجد شيخ سست رفتاري جي شڪار منصوبن تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو

سجاول ۾ ڊپٽي ڪمشنر پاران سالياني ترقياتي پروگرام تحت ھلندڙ منصوبن جو جائزو

سجاول (گلشيرميربحر)ڊپٽي ڪمشنر سجاول پاران سالياني ترقياتي پروگرام تحت ھلندڙ ترقياتي منصوبن جو جائزو , ڊپٽي ڪمشنر عبدالواجد شيخ سالياني ترقياتي پروگرام تحت ھلندڙ ڊيول ڪيريج وي ، فروٽ ، سبزي ۽ مڇي مارڪيٽ ، ڊرينج ۽ ٻين منصوبن جو دورو ڪري ڪم جو معائنو ڪيو ۽ تمام صورتحال جو جائزو ورتو - ان موقعي تي ھن سست رفتاري جي شڪار منصوبن تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي لاڳاپيل انجنيئرن ۽ عملدارن کي ھدايت ڪئي ته ھلندڙ منصوبن تي ڪم جي رفتار کي تيز ڪري معيار سان گڏ جلد مڪمل ڪن ته جيئن عوام کي وڌ کان وڌ فائدو حاصل ٿي سگهي - ان ڏس ۾ ڪنهن به قسم جي غفلت ، ڪوتاهي ھر گز برداشت نه ڪئي ويندي - ان موقعي تي بلڊنگس ،پبلڪ ھيلٿ ۽ ٻين لاڳاپيل کاتن جا انجنيئر ۽ عملدار پڻ موجود هئا –