حيدرآباد ھاءِ ڪورٽ بئنچ فياض شاهه کي ٽرائل ڪورٽ ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم

راڻيپور ۾ ڪٺ دوران ڌمڪين واري ڪيس ۾ گرفتار فياض شاھھ جي ضمانت واري شوئرٽي رد

حيدرآباد ھاءِ ڪورٽ بئنچ فياض شاهه کي ٽرائل ڪورٽ ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم

حيدرآباد:سنڌ هاءِ ڪورٽ ڊويزنل بينچ حيدرآباد راڻيپور ۾ ڪٺ دوران ڌمڪين واري ڪيس ۾ گرفتار فياض شاهه جي ضمانت واري شوئرٽي رد ڪري ڇڏي، فياض شاهه کي ٽرائل ڪورٽ ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم، عدالت ٻارڙي فاطمه جي قتل ڪيس ۾ حنا شاهه جي ضمانت لاءِ ڏنل درخواست به سندس غير حاضري سبب خارج ڪري ڇڏي، فياض شاهه جي وڪيل عدالت ۾ دليل ڏيندي چيو ته راڻيپور پوليس فياض شاهه کي ٻارڙي فاطمه جي قتل ڪيس ۾ نه پر ڌمڪين واري ڪيس ۾ گرفتار ڪيو آهي، ڌمڪين واري ڪيس ۾ به فياض شاهه جو نالو شامل نه آهي، فياض شاهه کي ايف آءِ آر ۾ نامزد اڻڄاتل جوابدارن جي بنياد تي گرفتار ڪيو ويو آهي، عدالت سوال ڪيو ته ضمانت جي درخواست ڏيندڙ حنا شاهه ڇو پيش نه ٿي آهي؟ وڪيل چيو ته حنا شاهه ميڊيا ٽرائل جي خدشي سبب پيش نه ٿي آهي، عدالت حنا شاهه جي غير حاضري سبب سندس ضمانت واري درخواست اڪلائي ڇڏي