English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
وارھ ۾ اجتماعي زيادتي جو نشانو بڻجڻ بعد دم ڏيندڙ ناري جو لاش پھچڻ تي شھر بند، سوين شھرين جو ڌرڻو
views
|
25th Sep 2023
•
سنڌي خبرون
17ورھين جي نازيھ چنو مھينو اذيت برداشت سھڻ بعد دم ڏئي ڏيو، سوين شھرين جو جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڌرڻو
وارھہ (رپورٽر) هڪ مهينو اڳ جنسي حوس جو نشانو بڻايل ناري نازيه چنا ڪراچي اسپتال ۾ فوت، نياڻي جو لاش وارھ پهچڻ تي شھر سوڳ ۾ بند، سوين شھرين طرفان ڌرڻو، انصاف جون اپيلون خبر موجب هڪ مهينو اڳ وارھہ شھر جي وارث ڪالوني ۾ 5 جوابدارن طرفان اجتماعي ڏاڍائي جو شڪار بڻايل 17 ورهين جي ناري نازيه چنو ڪراچي جي سول اسپتال ۾ علاج دوران فوت ٿي وئي، مقتول نياڻي جي فوتگيءَ جي خبر ٻُڌندي ئي علائقي ۾ ڏک ۽ ڪاوڙ جي لهر ڇانئجي وئي، واپاري دڪاندار اتحاد، سياسي سماجي ڌرين ۽ شهرين طرفان مُک فاضل راهو چوڪ تي ڌرڻو هڻي ويهي رهيا جڏھن ته فوتي نياڻي جو لاش پهچڻ تي سوين شھرين طرفان جوابدارن ۽ پوليس خلاف سخت نعريبازي ڪري لاش کي پوسٽ مارٽم لاءِ سول اسپتال وارھ آندو ويو جتي نازيه چنا جي والد اختيار چنو ٻڌايو ته مهينو اڳ سندس نياڻي سان ظالمن ڏاڍائي ڪري کيس بيهوشي واري حالت ۾ ڦٽو ڪري فرار ٿيا هيا جنهن بعد سندس حالت خراب هئي جنهن کي ڪراچي جي اسپتال ۾ داخل ڪرايو جتي هوء فوت ٿي وئي هن ڪيس جي جاچ آفيسر راحيله گوپانگ تي بي اعتمادي ظاهر ڪندي چيو ته واقعي جي عدالتي جاچ ڪرائي جوابدارن کي ڦاهي ڏني وڃي ٻئي طرف اسپتال ۾ موجود سياسي سماجي اڳواڻن سرتاج چانڊيو،غلام مصطفيٰ کاهوڙي،عرفان منان،علي رضا چولياڻي،پنهل عباسي،نياز حيدري ۽ ٻين مطالبو ڪيو ته ڪيس ۾ قتل جا قلم به شامل ڪري جوابدارن کي عبرت ناڪ سزا ڏياري وڃي ٻي صورت ۾ احتجاجي تحريڪ جاري رکي ويندي هوڏانهن واقعي بابت ڊي ايس پي وارھہ رياض عباسي ٻڌايو ته شروعاتي طور ناري جي وارثن جي فرياد تي ڪيس داخل ڪيو هيو جنهن ۾ ٻن اڻسڃاتلن سميت 5 جوابدارن مٿان ڪيس داخل ڪيو هيو جنهن ۾ 3 جوابدار خادم ڇٽو،وزير ڇٽو ۽ عيسيٰ کرل کي گرفتار ڪري جيل موڪليو آھي پوسٽ مارٽم رپورٽ بعد ڪيس ۾ وڌيڪ قلم به شامل ڪيا ويندا هوڏانهن فوت ٿيل ناري نازيه چنو جي جنازي نماز وارھہ جي فاضل راهو چونڪ تي ادا ڪئي وئي جنهن ۾ سوين شھرين شرڪت ڪئي .
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
09th Nov 2025
•
پاکستان
عالمی حفاظتی ٹیکہ جات کا دن — صحت مند مستقبل کے لیے یکجا عزم
09th Nov 2025
•
تازہ ترین
محمود خان اچکزئی: آئین پر حملہ پاکستان پر حملے کے مترادف
09th Nov 2025
•
تازہ ترین
پارلیمانی کمیٹی میں 27ویں آئینی ترمیم پر غور و مشاورت کا اجلاس جاری
09th Nov 2025
•
دلچسپ اور عجیب
فرانس میں شہری کو اپنے باغ سے 8 لاکھ ڈالر مالیت کا سونا مل گیا
09th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
ٽنڊو الهيار: زرداري ڪالوني ۾ گهرو اڻبڻت تان مڙس هٿان مبينا طور زال قتل
09th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
ڪراچي ۾ ترقياتي ڪم صرف ايم ڪيو ايم پاڪستان ڪرائي سگهي ٿي: بشير رند
09th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
مورو جي شھيد بينظير ڀٽو پارڪ جي سونھن وڌائڻ لاءِ ڪم جاري آهي: نظير ميمڻ
09th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
مڪلي ۾ ڳوٺ صديق شورو واسي نوجوان جو مامي خلاف احتجاج
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
warah rape murder killing
0 تبصرے