English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
وارھ ۾ اجتماعي زيادتي جو نشانو بڻجڻ بعد دم ڏيندڙ ناري جو لاش پھچڻ تي شھر بند، سوين شھرين جو ڌرڻو
260 views
|
25th Sep 2023
•
سنڌي خبرون
17ورھين جي نازيھ چنو مھينو اذيت برداشت سھڻ بعد دم ڏئي ڏيو، سوين شھرين جو جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڌرڻو
وارھہ (رپورٽر) هڪ مهينو اڳ جنسي حوس جو نشانو بڻايل ناري نازيه چنا ڪراچي اسپتال ۾ فوت، نياڻي جو لاش وارھ پهچڻ تي شھر سوڳ ۾ بند، سوين شھرين طرفان ڌرڻو، انصاف جون اپيلون خبر موجب هڪ مهينو اڳ وارھہ شھر جي وارث ڪالوني ۾ 5 جوابدارن طرفان اجتماعي ڏاڍائي جو شڪار بڻايل 17 ورهين جي ناري نازيه چنو ڪراچي جي سول اسپتال ۾ علاج دوران فوت ٿي وئي، مقتول نياڻي جي فوتگيءَ جي خبر ٻُڌندي ئي علائقي ۾ ڏک ۽ ڪاوڙ جي لهر ڇانئجي وئي، واپاري دڪاندار اتحاد، سياسي سماجي ڌرين ۽ شهرين طرفان مُک فاضل راهو چوڪ تي ڌرڻو هڻي ويهي رهيا جڏھن ته فوتي نياڻي جو لاش پهچڻ تي سوين شھرين طرفان جوابدارن ۽ پوليس خلاف سخت نعريبازي ڪري لاش کي پوسٽ مارٽم لاءِ سول اسپتال وارھ آندو ويو جتي نازيه چنا جي والد اختيار چنو ٻڌايو ته مهينو اڳ سندس نياڻي سان ظالمن ڏاڍائي ڪري کيس بيهوشي واري حالت ۾ ڦٽو ڪري فرار ٿيا هيا جنهن بعد سندس حالت خراب هئي جنهن کي ڪراچي جي اسپتال ۾ داخل ڪرايو جتي هوء فوت ٿي وئي هن ڪيس جي جاچ آفيسر راحيله گوپانگ تي بي اعتمادي ظاهر ڪندي چيو ته واقعي جي عدالتي جاچ ڪرائي جوابدارن کي ڦاهي ڏني وڃي ٻئي طرف اسپتال ۾ موجود سياسي سماجي اڳواڻن سرتاج چانڊيو،غلام مصطفيٰ کاهوڙي،عرفان منان،علي رضا چولياڻي،پنهل عباسي،نياز حيدري ۽ ٻين مطالبو ڪيو ته ڪيس ۾ قتل جا قلم به شامل ڪري جوابدارن کي عبرت ناڪ سزا ڏياري وڃي ٻي صورت ۾ احتجاجي تحريڪ جاري رکي ويندي هوڏانهن واقعي بابت ڊي ايس پي وارھہ رياض عباسي ٻڌايو ته شروعاتي طور ناري جي وارثن جي فرياد تي ڪيس داخل ڪيو هيو جنهن ۾ ٻن اڻسڃاتلن سميت 5 جوابدارن مٿان ڪيس داخل ڪيو هيو جنهن ۾ 3 جوابدار خادم ڇٽو،وزير ڇٽو ۽ عيسيٰ کرل کي گرفتار ڪري جيل موڪليو آھي پوسٽ مارٽم رپورٽ بعد ڪيس ۾ وڌيڪ قلم به شامل ڪيا ويندا هوڏانهن فوت ٿيل ناري نازيه چنو جي جنازي نماز وارھہ جي فاضل راهو چونڪ تي ادا ڪئي وئي جنهن ۾ سوين شھرين شرڪت ڪئي .
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
یورپ میں ریکارڈ توڑ گرمی، اموات کی تعداد 1500 تک پہنچ گئی
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران جوہری ہتھیار نہ رکھنے پر راضی ہے: صدر ٹرمپ
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایرانی اور فرانسیسی وزرائے خارجہ کے درمیان رابطہ، مفاہمتی یادداشت پر تبادلہ خیال
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران اور امریکہ کے درمیان آئندہ دنوں میں کسی ملاقات کا شیڈول طے نہیں: ایرانی وزارت خارجہ
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ پوليس مقابلو، هڪ مبينا ڏوهاري مارجي ويو، ساٿي فرار
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ نوجوان قتل
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
گڏاپ جي 42 ڳوٺن لاءِ منظور ٿيل بلڪ واٽر سپلاءِ اسڪيم مان پاڻي چوري، علائقي واسين جو سخت احتجاج
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول پوليس پاران ربڏنو جت جي قتل ۾ ملوث 2 جوابدار گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
warah rape murder killing
0 تبصرے