English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
جماعت اسلامي پاران ڳاٽي ٽوڙ مھانگائي خلاف سنڌ جي مختلف شھرن ۾ مظاھرا
views
|
24th Sep 2023
•
سنڌي خبرون
حيدرآباد، سکر، لاڙڪاڻو، شڪارپور، ٺٽو، بدين، دادو، جوهي،ميرپورخاص، شهدادڪوٽ،ميهڙ، قنبر علي خان، ڪنڌڪوٽ ۽ ڪشمور ۾ مظاھرا
ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) جماعت اسلامي سنڌ پاران پيٽروليم مصنوعات، بجلي بلن ۾ ڳاٽي ٽوڙ اضافي ۽ بدترين مهانگائي خلاف آچر تي سڄي سنڌ ۾ احتجاج ڪيو ويو، حيدرآباد، سکر، لاڙڪاڻو، شڪارپور، ٺٽو، بدين، دادو، جوهي،ميرپورخاص، شهدادڪوٽ،ميهڙ، قنبر علي خان، ڪنڌڪوٽ ۽ ڪشمور سميت سنڌ جي سڀني ننڍن وڏن شهرن ۾ شام جو 05 وڳي موٽرسائيڪلون، ڪارون بيهاري ٽريفڪ جام ڪري ڌرڻا هڻي حڪمرانن جي غلاماڻين پاليسين خلاف احتجاج نوٽ ڪرايو ويو. احتجاج ڪندڙ ماڻهن مهانگائي خلاف سخت نعريبازي ۽ پيٽرول توڙي بجلي جي اگهن ۾ ڳاٽي ٽوڙ اضافي کي واپس وٺي عوام کي زنده رهڻ جو حق ڏيڻ، وي آءِ پي ڪلچر جي خاتمي، پروٽوڪول، شاهاڻي طرز زندگي ختم ڪري سادگي ۽ ڪفايت شعاري جون پاليسيون جوڙڻ جو مطالبو ڪيو. جماعت اسلامي سنڌ جي امير محمد حسين محنتي ٺٽي ۾ رڪشه اسٽاپ تي رٿيل احتجاجي ڌرڻي کي خطاب ڪندي چيو ته آءِ ايم ايف جي آڱرين جي اشارن تي نچڻ واري نگران حڪومت هڪ مهيني ۾ ٽي ڀيرا پيٽرول ۽ ڊيزل جي اگهن ۾ اضافو ڪري عوام کان زنده رهڻ جو حق به کسي ورتو آهي، حڪومتي نااهلي ۽ خراب معاشي صورتحال سبب هر شهري پريشان آهي، تازو جاري ڪيل هڪ رپورٽ موجب هڪ سال اندر ملڪ ۾ سوا ڪروڙ ماڻهو غربت جو شڪار جڏهن ته غربت جي لڪير کان هيٺ زندگي گذاريندڙ شهرين جو انگ سوا ڏهه ڪروڙ ٿي چڪو آهي، هاڻي ڳالهه ان حد تائين پهچي چڪي آهي ته هر هنڌ لنگرخانا کلي چڪا آهن ۽ راشن ڪارڊ جاري ڪرڻ جون ڳالهيون هلي رهيون آهن، جماعت اسلامي اهڙي ظالماڻي نظام، پيٽرول، ڊيزل ۽ بجلي جي اگهن ۾ اضافي توڙي روزاني واهپي وارين شين جي اگهن ۾ ڳاٽي ٽوڙ اضافي خلاف احتجاج جاري رکيو آهي، اڄ سموري سنڌ ۾ هر هنڌ احتجاج ڪيو پيو وڃي جڏهن ته مرڪزي امير سراج الحق جي اپيل تي پشاور، لاهور ۽ ڪوئٽه کان پوءِ 06 هين آڪٽوبر تي ڪراچي ۾ عظيم الشان ڌرڻو هنيو ويندو، صوبائي امير زور ڏيندي چيو ته اسلامي، پُرامن ۽ خوشحال پاڪستان جي قيام لاءِ عوام مهانگائي سميت حڪمرانن جي ظالماڻين قدمن خلاف جماعت اسلامي جي تحريڪ جو ساٿ ڏين. هوڏانهن سکر ۾ ضلعي امير مولانا حزب الله جکرو جي اڳواڻي ۾ گهنٽه گهر تائين ريلي ڪڍي ڌرڻو لڳايو ويو، حيدرآباد ۾ ڪوهه نور چوڪ تي مهانگائي خلاف ضلعي امير عقيل احمد خان جي اڳواڻي ۾ ڌرڻو هنيو ويو، شڪارپور گهنٽه گهر چوڪ تي ضلعي امير عبدالسميع ڀٽي، بدين پريس ڪلب سامهون ضلعي امير علي مردان شاه، الله بچايو هاليپوٽو، فتح خان کوسو، عبدالڪريم بُليدي، جيڪب آباد ۾ ضلعي امير حاجي ديدار لاشاري جي اڳواڻي ۾ بائي پاس تي ڌرڻو لڳائي سنڌ بلوچستان قومي شاهراه کي بند ڪيو ويو، شهدادڪوٽ ۾ امتياز شيخ جي اڳواڻي ۾ ڪوٽوموٽو چوڪ ، ڪنڌڪوٽ ۾ گهنٽه گهر چوڪ، ڪشمور ۾ جامع مسجد کان واحد چوڪ، ميهڙ ۾ گهنٽه گهر چوڪ، لاڙڪاڻي ۾ پاڪستاني چوڪ تي مظاهري کي وڪيل عاشق ڌامراه ،دادو ۾ڊي ايڇ اوچوڪ تي محمد موسى، خيرالدين ٻٻر جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ۽ ڌرڻو لڳايو ويو، ٽنڊوآدم ۾ ضلعي امير عبدالغفور انصاري، مشتاق عادل، عبدالستار انصاري جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب سامهون ڌرڻو هنيو ويو.#
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
19th Oct 2025
•
شوبز
عریاں مواد کا الزام: ریئلٹی شو "لازوال عشق" کے خلاف عدالت میں درخواست دائر
19th Oct 2025
•
کھیل
ٹیسٹ چیمپئن کے خلاف سیریز جیتنے کا بہترین موقع ہے: اظہر محمود
19th Oct 2025
•
تازہ ترین
گندم پالیسی منظور، قیمت 3500 روپے فی من مقرر
19th Oct 2025
•
تازہ ترین
جنگ بندی معاہدہ خوش آئند، افغان سرزمین سے دہشتگردی کی روک تھام کے لیے اقدامات ضروری ہیں: اسحاق ڈار
19th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
فوجي فرٽيلائزر ڪمپني (ايف ايف سي) پورٽ قاسم طرفان سونا فٽبال ڪپ منعقد
19th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ڊي سي ٺٽو پاران مقامي نوجوانن کي روزگار ۾ اوليت ڏيڻ جي هدايت
19th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز: قومي شاهراهه تي خوفناڪ حادثو، 8 ڄڻا زخمي
19th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ملير: سي آءِ اي پوليس پاران ٻن دهشتگردن کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
jamait islami
Protest
petroleum
0 تبصرے