ڏوڪري ۾ جشن عيد ميلادالنبي صھ جي سلسلي ۾ ريلي

هي مهينو هن ڪائنات لاءِ خوشيون کڻي آيو: مقرر

ڏوڪري ۾ جشن عيد ميلادالنبي صھ جي سلسلي ۾ ريلي

ڏوڪري(رپورٽر) ڏوڪري پاڪستان ايکس سروس مين سوسائٽي تعلقه ڏوڪري ۽ باقراڻي سميت ڊويزن لاڙڪاڻو جي اڳواڻي ۾ ڊويزن ڪوآرڊينيٽر سرائي انعام صادق ڀٽو تعلقه ڏوڪري صدر ڪئپٽن طاهر حسين خاصخيلي جنرل سيڪريٽري امير علي جوڻيجو جي اڳواڻي ۾ پياري نبي جي آمد جي سلسلي ۾ رٽائيرڊ آرمي ملازمن ۽ شهر جي اهل سنت مذهبي اڳواڻن پاران ريلي ڪڍي وئي ان موقعي تي اڳواڻن انعام صادق ڀٽو، محمد وارث خاصخيلي، طاهر حسين خاصخيلي، امير علي جوڻيجو، عبدالخالق جتوئي ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته هي ڀلارو مهينو آقا محمد رسول صلي الله عليه وسلم جن جي آمد جو مهينو آهي، ۽ هن مهينو کي اسان وڏي جوش جذبي سان ملهائيندا آهيو هي مهينو هن ڪائنات لاءِ خوشيون کڻي آيو، نبي ڪريم اسان جي هن دنيا سميت آخرت سنواري آهي، ۽ ان جي ڏنل پيغام ذريعي اسان پنهنجي زندگيءَ گذاري رهيا آهيون، جڏهن ته شاندار نموني نڪتل ريلي پريس ڪلب ڏوڪري کان نڪري سومرا شادي حال باء پاس تي تقريب ڪوٺائي ختم ڪئي وئي.