شھيد مير مرتضيٰ ڀٽو قتل ڪيس ۾ جوابدارن جي بريت خلاف اپيل جي ٻڌڻي سڀاڻي ٿيندي

درخواستگذار طرفان پير مجيداڻو، ظهير سومرو ۽ سجاد عباسي عدالت ۾ پيش ٿيندا

شھيد مير مرتضيٰ ڀٽو قتل ڪيس ۾ جوابدارن جي بريت خلاف اپيل جي ٻڌڻي سڀاڻي ٿيندي

ڪراچي: شھيد مير مرتضيٰ ڀٽو قتل ڪيس ۾ جوابدارن جي بريت خلاف اپيل جي ٻڌڻي سڀاڻي ٿيندي. 2010ع ۾ مير مرتضيٰ ڀٽو جي ويجھي ملازم نور محمد گوگا سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ جوابدارن جي بريت خلاف درخواست داخل ڪئي هئي درخواستگذار طرفان پير مجيداڻو، ظهير سومرو ۽ سجاد عباسي عدالت ۾ پيش ٿيندا گذريل ٻڌڻي تي وڪيلن جي پينل فريادي نور محمد گوگا طرفان وڪالت نامو عدالت ۾ جمع ڪرايو هو 20 سيپٽمبر 1996ع تي مير مرتضيٰ ڀٽو ۽ سندس ساٿين کي سرعام گوليون هڻي قتل ڪيو ويو ھو ڊسمبر 2009 ۾ ماتحت عدالت پاران 20 پوليس جي اعليٰ آفيسرن کي آزاد ڪري ڇڏيو ھو ساڳئي عدالت آءِ بي جي اڳوڻي چيف مسعود شريف ۽ اڳوڻي ڊي آءِ جي پوليس شعيب سڊل کي بھ بري ڪري ڇڏيو هو مرتضيٰ ڀٽو قتل ڪيس جي مک جوابدار انسپيڪٽر حق نواز سيال پڻ مبينھ طور خودڪشي ڪري ڇڏي ھئي عدالت (ان وقت جي ايس ايس پي ​) واجد دراني، اڳوڻي ايڊيشنل آءِ جي (ان وقت جي ايس پي) ​​پوليس شاهد حيات ۽ ٻين کي بيگناھھ قرار ڏنو ھو