English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ميرپورخاص ويجھو امر روپلو ڪولھي جي 164 ھين ورسي ۽ سالياني ڪانفرنس منعقد
views
|
18th Sep 2023
•
سنڌي خبرون
ورسي تقريب ۾ سياسي سماجي علمي ادبي صحافين شاگردن سميت عورتن جي وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي
ميرپورخاص (بيورو رپوٽ) ڪولھي اسٽوڊنٽس ايسوسيئيشن مرڪز پاران امر روپلو ڪولھي جي 164 ھين ورسي ۽ سالياني ڪانفرنس ڳوٺ ويرسي ڪالوني ۾ منعقد ڪئي وئي, ورسي تقريب ۾ سياسي سماجي علمي ادبي صحافين شاگردن سميت عورتن جي وڏي انگ ۾ شرڪت, ڪولھي اسٽوڊنٽس ايسوسيئيشن جي نئي باڊي چونڊي وئي ڪامريڊ ڪيشن ڪولھي صدر ڪامريڊ پريم راٺوڙ ڪولھي جنرل سيڪٽري چونڊجي ويا, خبر موجب ڪولھي اسٽوڊنٽس ايسوسيئيشن مرڪز پاران امر روپلو ڪولھي جي 164 ھين ورسي نيو دمبالو لڳ ڳوٺ ويرسي ڪالوني ۾ ملھائي ۾ جنهن ۾ سنڌ جي مختلف شھرن ڪڙيو گھنور, گولاڙچي, چمبڙ, نبي سر روڊ, بدين, ڪراچي, ڊگھڙي ڪنري, عمرڪوٽ, مان سياسي سماجي انساني حقن جي آڳواڻن شاگردن وڏي انگ ۾ شريڪ ٿي امر روپلو ڪولھي کي لفظن جي ڀيٽا پيش ڪئي انھي موقعي آڳوڻي صوبائي صلاحڪار ويرجي ڪولھي ڪولھي اسٽوڊنٽس ايسوسيئيشن جي سابق صدر ڪامريڊ پريم راٺوڙ ڪولھي قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي آڳواڻ انور نوحاڻي پي سي ڊي پي جي باني پونم پاسڪل ڏيوو مل راٺوڙ ساٿي سامجي ڪولھي وڪيل رام ڪولھي ڪامريڊ نيمداس ڪولھي ٿانور داس ڪولھي ڪامريڊ جمعون ميگھواڙ, ڪامريڊ مولچند ڪولھي ويرسي ڪولھي, رميش ڪمار ڪولھي, ڪامريڊ ڪيلاش مڪواڻا, ڪامريڊ ڪيشن مڪواڻا, ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته امر روپلو ڪولھي 16 سال انگريز سامراج سان وطن لاء وڙھندي پنهنجي جان جو نزرانو ڏنو ۽ ھزارين ڪولھي وطن لاء وڙھندي سان وطن تان قربان ٿي ويا ھنن چيو ته امر روپلي ڪولھي جي نالي سان ٿرپارڪر ۾ يونيورسيي قائم ڪئي وڃي ڪولھي برادري جي ذھين ۽ ھونھار شاگردن کي پرڏيھي ملڪن ۾ پڙھڻ جا موقعا پڻ فراھم ڪيا وڃن ھنن مطالبو ڪيو ته امر روپلو ڪولھي کي قومي ھيرو ڊڪلئير ڪيو وڃي ۽ ٿرپارڪر ۾ روپلو ڪولھي جي نالي سان يادگار طور يونيورسٽي قائم ڪئي وڃي ورسي تقريب ۾ ڪولھي اسٽوڊنٽس ايسوسيئيشن مرڪزي ڪميٽي جي نئي باڊي چونڊي وئي جنهن ۾ صدر ڪامريڊ ڪيشن مڪواڻا, نائب صدر جئه پرڪاش ڪولھي جنرل سيڪٽري ڪامريڊ پريم راٺوڙ ڪولھي, ڊپٽي جنرل سيڪٽري ڪامريڊ راجيش راٺوڙ ڪولھي, انفارميشن سيڪٽري ساگر ڪولھي, خزانچي سيڪٽري ڪامريڊ جگديش سيڪٽري, پريس سيڪٽري ڪامريڊ ڪيلاش مڪواڻا, آفيس سيڪٽري دليپ ڪمار, رابط سيڪٽري ڪامريد ڪشور راٺوڙ, ڪچلرل سيڪٽري, ڪامريڊ گلراج راٺوڙ, جڏهن ته ميمبرن ۾ انيش ڪمار, امن ڪولھي, شيون چارڻ, منيش ڪمار, چمن ڪولھي, چوني لال, ڪيلاش ڪمار, سورج راٺوڙ, وڪرم ڪمار, نائيش پرمار, پون پرمار, ۽ ديانند پرمار کي چونڊيو ويو ورسي تقريب ۾ برادري جي معزز ماڻھن ڊاڪٽر موھن ڪولھي سيٺ لڌا رام ڪولھي پپو پرمار, راجا رامچند, انيل ڪمار, مولچند راجاني, ستيل ڪولھي, راجا جي, ڊاڪٽر ويرجي ڪولھي, بالچند ڪولھي, ڪرشن پارڪريو, ماڏڻ مڪواڻا, ڳينو مل, سميت سوين جي تعداد ۾ ماڻھـن شرڪت ڪئي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
21st Nov 2024
•
آرٽيڪلز/ کالمز
سنڌ جي تعليمي نظام ۾ ڪرپشن: حقيقتون ۽ تجويزون
21st Nov 2024
•
آرٽيڪلز/ کالمز
سنڌ جي بقا ۽ پيپلز پارٽي جي پاليسين تي سوال: سنڌو درياهه جو مستقبل خطري ۾؟
21st Nov 2024
•
تازہ ترین
تمام سرکاری اداروں میں شفاف طریقے سے خریداری اور خدمات کا حصول حکومت کی اولین ترجیح ہے، وزیراعظم
21st Nov 2024
•
آرٽيڪلز/ کالمز
محترم آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ جي توجهه لاءِ کليل خط
21st Nov 2024
•
سنڌي خبرون
اسماعيل ڏاهري، سندس ڪٽنب ۽ حامين خلاف ڪارروائين پٺيان آصف علي زرداري جو هٿ آهي: حميده ڏاهري
21st Nov 2024
•
آرٽيڪلز/ کالمز
سنڌ جي تعليمي نظام ۾ ڪرپشن: حقيقتون ۽ تجويزون
21st Nov 2024
•
آرٽيڪلز/ کالمز
سنڌ جي بقا ۽ پيپلز پارٽي جي پاليسين تي سوال: سنڌو درياهه جو مستقبل خطري ۾؟
21st Nov 2024
•
سنڌي خبرون
سنڌ سُڪي پئي، وفاق وري نوان ڪينال ٺاهي پيو وڃي: سنڌ حڪومت جو وفاق کي خط
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
Sindh
Roplo Kolhi
Rooplo Kolhi
0 تبصرے