نوشھروفيروز: ڊي سي محمد ارسلان سليم جي صدارت ھيٺ گڏجاڻي منعقد

ربيع الاول جو مهينو نبي ڪريم ﷺ جي ولادت جو بابرڪت مهينو آهي: ڊي سي نوشھروفيروز

نوشھروفيروز: ڊي سي محمد ارسلان سليم  جي صدارت ھيٺ گڏجاڻي منعقد

نوشهروفيروز (ڊ ر) ڊپٽي ڪمشنر محمد ارسلان سليم چيو آهي ته ربيع الاول جو مهينو نبي ڪريم ﷺ جي ولادت جو بابرڪت مهينو آهي. هن چيو ته ڪائنات نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم جي لاءِ ٺاهي وئي ۽ هي مهينو سڀني مسلمانن لاءِ بابرڪت ۽ مقدس آهي. نوشهروفيروز ضلعي ۾ جشن عيد ميلاد النبي صلي الله عليه وسلم پوري عقيدت ۽ احترام سان ملهايو پيو وڃي.اجلاس ۾ ميلاد ڪميٽين جي سربراهن، پوليس، رينجرز هيلٿ، روينيو ۽ لوڪل گورنمينٽ آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس کي خطاب ڪندي ڊپٽي ڪمشنر چيو ته ربيع الاول جي جلوسن کي سيڪيورٽي فراهم ڪئي ويندي، جڏهن ته ٽائون آفيسرن کي هدايتون جاري ڪيون ويون آهن ته جلوس جي رستن جي صفائي ڪرائي وڃي. هن سمورن اسسٽنٽ ڪمشنرن کي چيو ته هو پنهنجي لاڳاپيل علائقن ۾ جلوس جي رستن جو معائنو ڪن ۽ صفائي سٿرائي جي نظام کي بهتر بڻايو وڃي. هن سيپڪو ۽ سوئي گيس جي عملدارن کان مطالبو ڪيو ته ربيع الاول جي 11 ۽ 12 تاريخ تي لوڊشيڊنگ نه ڪئي وڃي.هن ضلعي هيلٿ آفيسر کي هدايت ڪئي ته ربيع الاول جي جلوس دوران طبي امداد لاءِ عملي کي مقرر ڪيو وڃي، اجلاس کي خطاب ڪندي ڊي ايس پي هيڊ ڪوارٽر چيو ته عيد ميلاد النبي صه جي موقعي تي ضلعي ۾ 46 ريليون ۽ 19 جلسا منعقد ڪيا ويندا.ان موقعي تي جلوس جي سڪيورٽي لاءِ پوليس ۽ رينجرز جا جوان موجود هوندا.