نوشھروفيروز ۾ اليڪشڻ ڪميشن پاران عام چونڊن جي تياري بابت ٽريننگ سيشن

ضلعي نوشھروفيروز جي 20ماسٽرس ٽرينرس کي عام چونڊن بابت ٽرينگ ڏني وئي

نوشھروفيروز  ۾ اليڪشڻ ڪميشن پاران عام چونڊن جي تياري بابت ٽريننگ سيشن

نوشھروفيروز (ڊ ر) اليڪشن ڪميشن پاران ايندڙ عام چونڊن جي تيارين جي سلسلي ۾ اڄ ڊپٽي ڪمشنر آفيس جي ڪاميٽي روم ۾ ضلعي نوشھروفيروز جي 20ماسٽرس ٽرينرس کي سال 2023 جي عام چونڊن بابت ٽرينگ فراھم ڪئي وئي. ٽرينگ ۾ اليڪشن ڪميشن پاڪستان جي مقرر ڪيل ليڊ ٽرينرس ريجنل اليڪشن ڪمشنر شھيد بينظيرآباد محمد يوسف صديقي ۽ ضلعي اليڪشن ڪمشنر شھيد بينظيرآباد محمد يوسف مجيداڻو ماسٽرس ٽرينرس کي عام چونڊن دوران پيش ايندڙ مسئلن بابت ڄاڻ فراھم ڪئي. ان موقعي تي ڊسٽرڪٽ اليڪشن ڪمشنر نوشھروفيروز فيروز خالد احمد مرزا ۽ ٻيا آفيسر پڻ موجود ھئا.