حيدرآباد جي گدو اسپتال جي ايم ايس پاران نرس کي حراسان ڪرڻ جو انڪشاف

نرس جي درخواست تي صحت کاتي جي ڊي جي انڪوائري ڪميٽي جوڙي ورتي

حيدرآباد جي گدو اسپتال جي ايم ايس پاران نرس کي حراسان ڪرڻ جو انڪشاف

ڪراچي: حيدرآباد جي گدو اسپتال جي ايم ايس تي نرس پاران حراسان ڪرڻ جو الزام، نرس عزيزان رند الزام لڳائيندي چيو آھي تھ اسپتال جو ايم ايس ڊاڪٽر سريش ڳچ عرصي کان حراسان ڪري ٿو ـ اسپتال جي ايم ايس جا ويجھا ماڻهو او پي ڊي ٽائيم کانپوء ايم ايس جي ڪمري ۾ وڃڻ لاء زور ڀرين ٿا ـ ڊي جي صحت کي ڏنل درخواست ۾ نرس جو موقف ھو تھ منهنجي عزت کي خطرو آھي ـ ذھني طور پريشان آھيان ـ ڪارروائي ڪريو نرس جي درخواست تي صحت کاتي جي ڊي جي انڪوائري ڪميٽي جوڙي ورتي ڊي جي ڊاڪٽر ارشاد ميمڻ جو چوڻ آھي تھ نرس جي مليل درخواست تي ٽي رڪني جاچ ڪميٽي جوڙي آھي ـ جاچ ڪنداسين ـ جاچ ڪميٽي ۾ عورت آفيسر به شامل آھي ـ ڪميٽي جي رپورٽ جي روشني ۾ ڪارروائي ڪنداسين ـ