English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ڊي سي ٺٽو جي صدارت هيٺ بجلي چوري روڪڻ لاءِ ضلعي انفورسمينٽ ڪميٽي جو اجلاس
views
|
15th Sep 2023
•
سنڌي خبرون
هي هڪ قومي مهم آهي ان ۾ ڪوتاهي برداشت نه ڪئي ويندي: ڊپٽي ڪمشنر ٺٽو اسد علي خان
ٺٽو (ڊ ر)ڊپٽي ڪمشنر ٺٽو اسد علي خان جي صدارت هيٺ سندس آفيس ۾ بجلي چوري جي روڪٿام لاءِ ضلعي انفورسمينٽ ڪميٽي جو اجلاس منقعد ٿيو، جنهن ۾ ايس ايس پي آفتاب نظاماڻي، ايڪسين حيسڪو فريدالدين ۽ ضلعي جي سمورن اسسٽنٽ ڪمشنرن شرڪت ڪئي. اجلاس جي صدارت ڪندي ڊپٽي ڪمشنر چيو ته هي هڪ قومي مهم آهي ان ۾ ڪوتاهي برداشت نه ڪئي ويندي ڇو ته بجلي چوري جهڙي سنگين ڏوهه جو نقصان بل ادا ڪندڙ عوام کي برداشت ڪرڻو پوندو آهي. ڊپٽي ڪمشنر حيسڪو آفيسرن کي هدايت ڪئي ته هو بجلي چوري کي روڪڻ ۽ ڪنڊا ڪلچر کي ختم ڪرڻ لاءِ لاءِ جٽادار حڪمت عملي جوڙي ڪنيڪشن ڪٽيا وڃن ۽ ان حوالي سان سرڪاري ڪم ۾ مداخلت ڪندڙن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي ته جيئن ضلعي مان بجلي چوري جو مڪمل خاتمو ڪري لوڊشيڊنگ ۾ گهٽتائي آڻي سگهجي. هن چيو ته ضلعي انتظاميه ان سلسلي ۾ هر ممڪن تعاون ڪندي. هن ضلعي جي عوام کي خبردار ڪيو آھي ته هو ڪنڊا ڪلچر ۽ بجلي چوري کان پاسو ڪن ۽ ذميوار شهري هجڻ جي حيثيت سان قانوني طريقي سان بجلي استعمال ڪن ته جيئن بجلي چوري جو خاتمو آڻي ملڪ ۽ قوم کي خوشحالي ۽ ترقي جي راهه تي گامزن ڪري سگهجي. ان موقعي تي ايس ايس پي آفتاب نظاماڻي چيو ته ضلعي پوليس بجلي چوري جي روڪٿام لاءِ ضلعي انتظاميا ۽ واپڊا اٿارٽي سان مڪمل تعاون ڪندي. ان موقعي تي ايڪسين حيسڪو فريدالدين ٻڌايو ته ضلعي ۾ هن وقت تائين بجلي چورن خلاف 3 ايف آءِ آر داخل ڪيون ويون آهن جڏهن ته بجلي چوري کي روڪڻ ۽ ڪنڊا ڪلچر جي نشاندهي ڪري مهم کي وڌيڪ تيز ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته ضلعي ۾ بجلي جا بل ادا نه ڪندڙن کان هن وقت تائين اٽڪل ھڪ ڪروڙ 80 لک روپين جي وصولي ڪئي وئي آهي. ان موقعي تي بجلي جي ممڪنہ چوري جي روڪٿام بابت هڪ جامع پلان جوڙڻ ۽ ان حوالي سان کنيل قدمن جو تفصيلي جائزو پڻ ورتو ويو.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
09th Nov 2025
•
پاکستان
عالمی حفاظتی ٹیکہ جات کا دن — صحت مند مستقبل کے لیے یکجا عزم
09th Nov 2025
•
تازہ ترین
محمود خان اچکزئی: آئین پر حملہ پاکستان پر حملے کے مترادف
09th Nov 2025
•
تازہ ترین
پارلیمانی کمیٹی میں 27ویں آئینی ترمیم پر غور و مشاورت کا اجلاس جاری
09th Nov 2025
•
دلچسپ اور عجیب
فرانس میں شہری کو اپنے باغ سے 8 لاکھ ڈالر مالیت کا سونا مل گیا
09th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
ٽنڊو الهيار: زرداري ڪالوني ۾ گهرو اڻبڻت تان مڙس هٿان مبينا طور زال قتل
09th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
ڪراچي ۾ ترقياتي ڪم صرف ايم ڪيو ايم پاڪستان ڪرائي سگهي ٿي: بشير رند
09th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
مورو جي شھيد بينظير ڀٽو پارڪ جي سونھن وڌائڻ لاءِ ڪم جاري آهي: نظير ميمڻ
09th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
مڪلي ۾ ڳوٺ صديق شورو واسي نوجوان جو مامي خلاف احتجاج
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
Thatto
DC
Asad ALi khan
0 تبصرے