نوابشاھھ ۾ سماجي تنظيم اين ڊي ايف پاڪستان پاران فزيوٿراپي جو عالمي ڏهاڙو ملهايو ويو

جسماني بناوت جي سنوت، چُستي ۽ بحالي لاءِ فزيوٿراپي جون عملي مشقون ڪرايون وڃن ٿيون: عابد لاشاري

نوابشاھھ ۾ سماجي تنظيم اين ڊي ايف پاڪستان پاران فزيوٿراپي جو عالمي ڏهاڙو ملهايو ويو

نواب شاه(ڊ ر) سماجي تنظيم اين ڊي ايف پاڪستان پاران 8 سيپٽمبر فزيوٿراپي جو عالمي ڏهاڙو ملهايو ويو. ان موقعي تي اين ڊي ايف جي فزيوٿراپي يونٽ سالانه ڪارڪردگي پيش ڪئي جنھن ۾ درجنين ٻارن روزاني بنياد تي مفت خدمتون حاصل ڪري پاڻ جوڳا ٿيئن جي قابل ٿيا. والدين فزيوٿراپي جي عملي مشقن جي مفيد اثر ۽ اين ڊي ايف اسٽاف جي محنت کي تمام گهڻو ساراهيو ۽ ٻارن جي بحالي ۾ واضح فرق جي نشاندهي ڪندي خوشي وچان لڙڪ روڪي نہ سگھيا. ان موقعي تي ڳالھائيندي عابد لاشاري صدر اين ڊي ايف، مرتضيٰ چنڙ ريجنل ڊائريڪٽر معذورن جي بحالي کاتو، طارق حسين چنڙ، لال چند لوھاڻو ۽ ٻين مقررين چيو ته جسماني بناوت جي سنوت، بحالي، چُستي ھر قسم جي درد جي خاتمي لاءِ فزيوٿراپي جون مخصوص مشقون ڪرايون وڃن ٿيون جنھن ذريعي جسماني معذوري کي ھڪ حد تائين روڪي سگھجي ٿو، معذوري کي ختم نٿو ڪري سگهجي پر ان کي وڌڻ کان روڪي سگھجي ٿو. فزيوٿراپي جو ڏينهن ملھائڻ جو مقصد ان بابت ڄاڻ کي عام ڪرڻ آھي جيڪا عام معاشري تمام گھڻي معلومات جي کوٽ آھي. تقريب دوران مزاحيه فنڪار ماسي موران پڻ ٻارڙن کي لطف اندوز ڪيو.