English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
پ پ تي اربين روپين جي ڪرپشن جا ڪيس آھن، انڪري ھر حڪم مڃي ٿي: اياز لطيف پليجو
views
|
13th Sep 2023
•
سنڌي خبرون
پيپلز پارٽي سٺي سوديبازي ڪندڙ ۽ بهترين قيمت ادا ڪندڙ آهي، ڊيل وقت ڪجھ بہ ڏئي سگھي ٿي
حيدرآباد (بيورو) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو آهي تہ اسٽيبلشمينٽ، نواز ليگ، ايم ڪيو ايم ۽ پي ٽي آئي کي سنڌ ۾ پيپلز پارٽي جي مستقل 15 سالا حڪمراني ڇو پسند آھي. پ پ پ تي اربين روپين جي ڪرپشن جا ڪيس آھن، انڪري ھر حڪم مڃي ٿي.اياز لطيف پليجي چيو تہ پيپلز پارٽي سٺي سوديبازي ڪندڙ ۽ بهترين قيمت ادا ڪندڙ آهي، ڊيل وقت ڪجھ بہ ڏئي سگھي ٿي. سنڌ جي ترقي ۽ وسيلن کان پيپلز پارٽي مڪمل لاتعلق آھي، انڪري سمورا عالمي ۽ وفاقي فيصلا ھڪدم قبول ڪريو وٺي اياز لطيف پليجي چيو تہ پورٽ ڪوئلو گئس، پيٽرول معدني وسيلن سان مالا مال سنڌ جا وارث اذيت واري زندگي گذاري رهيا آهن خوشحال ماڻهو بدحال ٿي ويا آهن، زرداري مافيا ۽ پيپلزپارٽي جي گذريل سنڌ حڪومت سنڌ کي تباھ ڪري ڇڏيو، ڊجيٽل آدمشماري ذريعي سنڌين کي اقليت م تبديل ڪرڻ جي سازش ۾ سھولتڪاري جو اھم ڪردار ادا ڪيو، پيپلز پارٽي اقتدار لاء سنڌ جي وحدت کي داءُ تي لڳائڻ ۾ ڪا بہ قصر نہ ڇڏي، پيپلز پارٽي اقتدار جي عارضي مفادن لاء سنڌ جي پٺ ۾ خنجر ھنيا. پيپلزپارٽي جي سنڌ حڪومت جي ڪارڪردگي ناڪام ۽ عوام دشمن پاليسي رھي اياز لطيف پليجي چيو تہ ملڪ اڳ ۾ معاشي بحرانن مان گذري رھيو آھي، عوام مھانگائي جي چڪي ۾ پيسجي رھي آھي، وڌيڪ اشتعال انگيز پاليسيون نہ جوڙيون وڃن، نہ تہ مجبور ٿي ماڻھو رستن تي ايندا، جنھن کانپوءِ مجبور ماڻھو رستن تي اچي حڪومت جو ھلڻ مشڪل بنائي ڇڏيندا. اياز لطيف پليجي چيو تہ غير ملڪي ھٿ اسان جي امن ۽ معيشت کي غير مستحڪم ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رھيا آھن، سنڌ ۾ غيرقانوني پرڏيھين سان رڳو سنڌ ۽ پاڪستان جي اقتصاديات کي خطرو ناھي، بلڪہ اھي ھتي لاقانونيت، دھشتگردي ۽ منشيات آڻين ٿا ۽ سڀ کان وڏو نقصان تہ اھي اسانجي رواداري، امن، عقل، محبت ۽ سھپ وارين روايتن کي تباھ ڪري مليٽنٽ انتھاپسندي پيدا ڪري رھيا آھن.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
21st Feb 2025
•
تازہ ترین
اپوزیشن جماعتوں کا حکومت مخالف اتحاد کو مزید وسعت دینے کا فیصلہ
21st Feb 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
22فيبروري, اسڪائوٽن جو عالمي ڏينهن
21st Feb 2025
•
تازہ ترین
حکومتِ سندھ اور آکسفورڈ پاکستان پروگرام کی جانب سے سندھ کے طلباء کے لئے آکسفورڈ یونیورسٹی میں گریجویٹ اسکالرشپس کا اعلان
21st Feb 2025
•
تازہ ترین
چیف جسٹس سے تحریک انصاف کے وفد کی ایک گھنٹے طویل ملاقات
21st Feb 2025
•
سنڌي خبرون
پيروسڻ ۾ نوجوان ناري پاران پنهنجي پيءُ تي جنسي زيادتي جو الزام، ڪيس داخل
21st Feb 2025
•
سنڌي خبرون
گهارو ويجهو قومي شاهراهه تي حادثي ۾ هڪ ڄڻو فوت، 2 زخمي ٿي پيا
21st Feb 2025
•
سنڌي خبرون
ڇهه ڪئنال سنڌ جي تباهي آهن: سنڌ جي زراعت کي ھٿ وٺي تباھ ڪيو پيو وڃي: اياز لطيف پليجو
21st Feb 2025
•
سنڌي خبرون
سينئر سياستدان نوان يوسف ٽالپر جو ٽيجهو، سياسي سماجي شخصيتن جي شرڪت
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
Palijo
Ayaz latif
QAT
0 تبصرے