English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ڊپٽي ڪمشنر سجاول جي صدارت ھيٺ پوليو مھم جي انتظامن بابت اجلاس
187 views
|
13th Sep 2023
•
سنڌي خبرون
اجلاس ۾ ايس ايس پي شهلا قريشي، ڊي ايڇ او ڊاڪٽر محمد حنيف ميمڻ، اي سيز ۽ ٻيا عملدار شريڪ
سجاول(رپورٽر)ڊپٽي ڪمشنر عبدالواجد شيخ جي صدارت هيٺ ڊي سي ڪامپليڪس سجاول ۾ 2 آڪٽوبر 2023 کان شروع ٿيندڙ پوليو خلاف مهم جي تيارين ۽ انتظامن جو جائزو وٺڻ بابت اجلاس منعقد ٿيو، جنهن ۾ ايس ايس پي سجاول شهلا قريشي، ضلعي هيلٿ آفيسر ڊاڪٽر محمد حنيف ميمڻ، اسسٽنٽ ڪمشنرن، مختيارڪارن، پي پي ايڇ آءِ، اين اسٽاپ، ڊبليو ايڇ او ۽ ٻين لاڳاپيل کاتن جي عملدارن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر عبدالواجد شيخ صحت کاتي سميت سمورن لاڳاپيل کاتن جي آفيسرن کي هدايت ڪئي ته هو ايندڙ پوليو مهم دوران سمورا وسيلا ڪتب آڻي بهتر نتيجا حاصل ڪرڻ لاءِ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪن. هن چيو ته مهم دوران مقامي اين جي اوز ۽ يوسي سيڪريٽرين کان پڻ مدد ورتي وڃي ته جيئن معصوم ٻارڙن کي پوليو جهڙي خطرناڪ موذي مرض کان بچائي سگهجي. هن پوليس آفيسرن کي هدايت ڪئي ته ٽرانزٽ پوائنٽس تي پبلڪ ٽرانسپورٽ ۾ سفر ڪندڙ ٻارڙن کي پوليو جا ڦڙا پيارڻ لاءِ پوليو ٽيمن جي مدد کي يقيني بڻايو وڃي. هن چيو ته سڄي ضلعي خاص ڪري ڏورانهن علائقن ۾ پوليو ٽيمن جي گهر گهر موجودگي کي يقيني بڻايو وڃي ته جيئن ڪو به ٻار پوليو جا ڦڙا پيئڻ کان محروم نه رهي. ڊپٽي ڪمشنر عوام خاص ڪري والدين کي اپيل ڪئي ته هو سندن علائقن ۾ ايندڙ پوليو ٽيمن سان سھڪار ڪندي ٻارڙن کي پوليو جا ڦڙا پيارين ته جيئن کين مستقل معذوري کان بچائي سگهجي. اجلاس کي بريفنگ ڏيندي ضلعي فوڪل پرسن ڊاڪٽر عرفان مهر ٻڌايو ته مهم دوران پنجن سالن تائين عمر جي ھڪ لک 79 هزار 228 ٻارن کي پوليو کان بچاءُ جا ڦڙا پيارڻ جو هدف مقرر ڪيو ويو آهي، ان سلسلي ۾ 4 ضلعي سپروائيزر، 5 تعلقي سپروائيزر، 41 يو سي ايم اوز، 140 ايريا انچارجز، 546 گشتي ٽيمون، 47 فڪسڊ ۽ 33 ٽرانزٽ پوائنٽس مقرر ڪيون ويون آهن تہ جيئن مهم کي سئو سيڪڙو ڪامياب بڻائي سگهجي
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
14th May 2026
•
تازہ ترین
پی ٹی آئی بانی پر تشدد کے باعث اُن کی ایک آنکھ ضائع ہو گئی؟
14th May 2026
•
تازہ ترین
امریکا نے چوری شدہ قدیم مجسمے اور نوادرات پاکستان کے حوالے کر دیے
14th May 2026
•
سندھ
لاہور سے کراچی تک منشیات اسمگلنگ، پنکی نے بسوں اور موبائل ایپس کے ذریعے کروڑوں کی لین دین کے راز افشا کر دیے
14th May 2026
•
سندھ
”اسپیکر سے اختلافات اور پارٹی میں دھڑے بندی کا تاثر غلط ہے“ نثار کھوڑو نے جیالوں کو سوشل میڈیا پر بیان بازی سے روک دیا
14th May 2026
•
تازہ ترین
پی ٹی آئی بانی پر تشدد کے باعث اُن کی ایک آنکھ ضائع ہو گئی؟
14th May 2026
•
تازہ ترین
امریکا نے چوری شدہ قدیم مجسمے اور نوادرات پاکستان کے حوالے کر دیے
14th May 2026
•
سندھ
لاہور سے کراچی تک منشیات اسمگلنگ، پنکی نے بسوں اور موبائل ایپس کے ذریعے کروڑوں کی لین دین کے راز افشا کر دیے
14th May 2026
•
سندھ
”اسپیکر سے اختلافات اور پارٹی میں دھڑے بندی کا تاثر غلط ہے“ نثار کھوڑو نے جیالوں کو سوشل میڈیا پر بیان بازی سے روک دیا
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
sajawal
DC
AC
SSP
0 تبصرے