سنڌ جي شھيد سپھ سالار مبارڪ علي خان دولھ دريا خان جي 503 ورسي ملھائي وئي

قومپرست اڳواڻن ۽ ڪارنن مڪلي کان شهيد دولھ دريا خان جي مزار تائين ريلي ڪڍي حاضري ڀري گلن جي چادر چاڙهي

سنڌ جي شھيد سپھ سالار مبارڪ علي خان دولھ دريا خان جي 503 ورسي ملھائي وئي

ٺٽو(ڊ ر) جيئي سنڌ تحريڪ ٺٽي طرفان سنڌ جي وزيراعظم، سپھ سالار شهيد مبارڪ علي خان دولھ دريا خان جي 503 ورسي نهايت عقيدت ۽ احترام سان ملهائي وئي. جيئي سنڌ تحريڪ جي ڪارڪنن پارٽي چيئرمين سورھ سنڌي ،راول ڪرناڻي جيئي سنڌ محاذ اڳواڻ امجد شورو جست اڳواڻ باغي فرهاد ميمڻ، جان محمد ڀٽو جسقم بشير خان جي اڳواڻ مالڪ بروهي، خالد خشڪ جسم اڳواڻ راشد خاصخيلي جي اڳواڻي ۾ مڪلي کان شهيد دولھ دريا خان جي مزار تائين ريلي ڪڍي حاضري ڀري گلن جي چادر چاڙهي قومي ترانو پڙهي ڀيٽا پيش ڪئي وئي. ان موقعي تي ڳالهائيندي جيئي سنڌ تحريڪ جي چيئرمين سورھ سنڌي چيو ته زندھ قومون پنهنجي شهيدن کي ناهن وسارينديون شهيدن جو وهيل رت انقلاب جي راھ هموار ڪندو آهي. شهيد دولھ دريا خان سڄي حياتي سنڌ جي حفاظت ڪئي ۽ ارغونن جي ڪيل ڪاہ کي بهادري ۽ جواممردي سان منهن ڏيندي وطن تان قربان ٿي ويو. شهيد دولھ دريا خان ن صرف جنگي حڪمت عملين ۾ مهارت رکندو هيو ڄام نظام الدين جهڙي سخي بادشاھ جو وزيراعظم ۽ سپھ سالار هيو سندس مشورن سبب ڄام نظام الدين سنڌ تي ڪاميابي سان 44 سال حڪمراني ڪئي. سنڌ 500 سال گذرڻ کان پوءِ به ساڳئي جنگ واري صورتحال ۾ آهي سنڌ جي ٻولي، سنڌ جي وسيلن، سنڌ جي روزگار تي ڌاريا قابض آهن. سنڌ جي حقن جي ڳالھ ڪندڙ قومي ڪارڪنن کي سالن کان جبري گم ڪري سندن لاش ڏنا پيا وڃن سنڌين جي وجود کي خطرو آهي ان ڪري دولھ دريا خان وانگر بهادري، دانشمندي، دليرائپ سان سنڌ خلاف ٿيندڙ سازشن جو مقابلو ڪري وطن جي حفاظت لاءِ ميدان ۾ اچڻو پوندو