ڪراچي ۾ نور محمد ڳوٺ ڊاھڻ واري سازش خلاف رھواسين جو نائين ڏينھن بھ احتجاج جاري

احتجاجي ڪئمپ تي مختلف سياسي سماجي اڳواڻن شرڪت ڪري رھواسين کي ڀرپور ساٿ ڏيڻ جي خاطري ڪرائي

ڪراچي ۾ نور محمد ڳوٺ ڊاھڻ واري سازش خلاف رھواسين جو نائين ڏينھن بھ احتجاج جاري

گڏاپ (نبي بخش خاصخيلي)ڪراچي اسڪيم 33 نور محمد ڳوٺ کي ڊاھڻ ڳوٺاڻن کي جبري بيدخل ڪرڻ خلاف رهواسين جو 9 وين ڏهاڙي به احتجاج جاري، مطالبن جي مڃتا تائين جدوجهد جاري رکڻ جو اعلان، احتجاجي ڪئمپ تي مختلف سياسي سماجي اڳواڻن جي شرڪت ڪري ڀرپور ساٿ ڏيڻ جو يقين ڏياريو، خبر موجب ڪراچي جي اسڪيم 33 نور محمد ڳوٺ کي امڪاني ڊاھڻ ۽ ڳوٺاڻن کي جبري بيدخل ڪرڻ خلاف رھواسين عورتن ۽ مردن جو اڳوڻي يوسي چيئرمين نور خان برفت جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو 9 ڏينھن به جاري رھيو. مظاھرين سان حمايت طور علائقي جي سياسي سماجي تنظيمن. قومپرست پارٽين جي اڳواڻن پيپلز پارٽي جي اڳواڻ گل حسن بگٽي. اي اين پي اڳواڻ نور الله اچڪزئي. زاھد محسود. ريشم محسود. جماعت اسلامي ڊاڪٽر امتياز پالاري. ايس اين پي جي سينيئر وائيس چيئرمين رمضان بليدي. صفدر ابڙو. علي برفت. عالم.جان بروھي. نبي بخش برفت. عبدالستار بگٽي. علي گل رند. فوجي ممتاز جکراڻي. الاھي بخش ڀاڳت ۽ ٻين وڏي انگ ۾ پھچي متاثر ڳوٺاڻن سان يڪجھتي طور ڌرڻو هڻي ويهي رهيا. ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته سنڌين کي لاوارث سمجهي ڳوٺ ڊاهيا پيا وڃن انتظاميا کي ڪٽي پهاڙي، ڪوچي ڪئمپ ۽ افغان بستي نظر نه پئي اچي پر قديم سنڌي آباديون اک ۾ ڪنڊي جيان چڀن پيون. اسڪيم 33 ۾ قائم تمام سنڌي آبادين کي بنيادي سهولتون کان محروم رکيو ويو آهي. ھنن ڳوٺن کي مالڪاڻان حق نٿا ڏنا وڃن اسان جا ھي ڳوٺ اڄ جا آباد ناھن اسين ھزارين سالن کان ھن ڳوٺن جا مالڪ آھيون. ھنن چيو ته پاڪستان پيپلزپارٽي جو ميئر مرتضي وھاب بلڊر علي ڳڙھ جو وڪيل بڻيل آهي جيڪو اسان جو ڳوٺ ڊاھڻ ۾ ملوث آھي. جنھن خلاف پاڪستان پيپلزپارٽي جي قيادت نوٽيس وٺي. ڪراچي جا ھي قديمي ڳوٺ پاڪستان پيپلزپارٽي جا سپورٽر رھيا آھن ھميشه ھن ڳوٺن مان پيپلز پارٽي کٽيندي آئي آهي. ھن مھل به سھراب ڳوٺ ٽائون ۾ ويٺل چيئرمين پيپلز پارٽي جو بڻيل آهي. مظاهرين سنڌ ھاء ڪورٽ ڪورٽ. نگران سنڌ حڪومت. گورنر سنڌ. ڊي جي رينجرز سنڌ. گھرو وزير کان مطالبو ڪيو ته سھراب ڳوٺ ٽائون جي قديمي ڳوٺن کي ريگيولرائيز ڪري ليز ڏئي ڳوٺن کي پڪو ڪيو وڃي