English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
قومي عوامي تحريڪ مغوين جي بازيابي لاءِ اڄ سڄي سنڌ ۾ ڌرڻا هڻندي
255 views
|
05th Sep 2023
•
سنڌي خبرون
سڄي سنڌ ۾ بدامني، لاقانونيت، ڌاڙن ۽ اغوا جا واقعا وڌي رھيا آھن، ڏوھاري ماڻھو آھستي آھستي طاقتور ٿي رھيا آھن: اياز لطيف پليجو
حيدرآباد(بيورو) قومي عوامي تحريڪ پاران معصوم پريا ڪماري،ڊاڪٽر منير احمد نائچ، ساگر ڪمار سميت سمورن مغوين جي بازيابي لاءِ سڀاڻي (اڄ) سڄي سنڌ م مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا ويندا. اياز لطيف پليجي چيو تہ سڄي سنڌ ۾ بدامني، لاقانونيت، ڌاڙن ۽ اغوا جا واقعا وڌي رھيا آھن. ڏوھاري ماڻھو آھستي آھستي طاقتور ٿي رھيا آھن. قانون تي عمل نہ ٿي رھيو آھي، پوليس ۾ موجود ڪرپٽ عنصر انصاف ۾ وڏي رڪاوٽ آھن. سنڌ ۾ لاقانونيت ۽ جھنگ جو قانون آهي، ڪنھن جو بہ تحفظ ڪونھي اسان جا ٻچڙا واڳون ۽ مرن جي وات ۾ آھن، سنڌ ۾ ماڻھو ھر پنج منٽ ۾ اھو ڏسي ويٺو تہ منھنجو ٻار گھٽي ۾ کيڏڻ تہ ڪونہ ويو آهي موٽيو آهي يا ڪونھي ڪا نياڻي گھٽي مان لنگھي آھي گھر پھتي يا اغوا تہ ڪونہ ٿي آھي.اياز لطيف پليجي چيو تہ حڪمرانن سنڌ کي المناڪ سانحن جي سرزمين بنائي ڇڏيو آھي. شاھوڪار سنڌ جا ماڻھون لاوارث بنايا ويا آھن۔ تحفظ رڳو حڪمرانن کي آھي، سيڪيورٽي رڳو انھن لاءِ آھي، پوليس ۽ ٻيا ادارا متحرڪ ۽ خبردار رڳو حڪمرانن جي طاقتن لاءِ آھن، باقي عام ماڻھو اغوا ۽ قتل ٿيڻ کانپوءِ بہ انصاف کان محروم آھي. ڪا نہ ڪا سفارش، رشوت ۽ جرڳو خون لوڙھي ڇڏي ٿو ۽ انصاف کي خاڪ بنائي ڇڏي ٿو.اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ کي ڌاڙيلن ۽ منشيات فروشن حوالي ڪيو ويو آھي. پيپلز پارٽي ڏوھارين جي سرپرستي ڪري رھي آھي. زرداري حڪومت ھٿ وٺي سرداري، جرڳائي ۽ وڏيراشاھي کي مظبوط ڪيو. ھاري، مزدور ۽ پورھيت غربت ۽ غلامي واري زندگي گذارڻ تي مجبور آھن. معصوم ٻار، اقليتون ۽ نوجوان محفوظ ناھن. ڌاڙيلن ماڻھو اغوا ڪري بدترين تشدد جون وڊيوز وائرل ڪري سڄي سسٽم کي چئلينج ڪري رھيا آھن تہ سنڌ ۾ حڪومت ۽ قانون نالي ڪا شئي ناھي. ڏوھاري طاقتور آھن ۽ انھن کي ڪير به ڪجھ نٿو ڪري سگھي. اياز لطيف پليجي چيو تہ گذريل رات ڌاڙيلن جي قيد مان مغوي بازياب ڪرايا ويا پر ڪنھن بہ ڏوھاري خلاف ڪارروائي نہ ٿي. اياز لطيف پليجي چيو تہ پوليس کي سياسي مفادن لاءِ استعمال ڪري ان کي بيوس ۽ لاچار بنايو ويو آھي. ڌاڙيلن وٽ جيڪي ھٿيار آھن، اھڙا جديد ھٿيار پوليس وٽ بہ ناھن. بڪتربند جي نالي ۾ ايمبولينس گاڏيون ڏنيون ويون آھن. ناقص ھٿيارن ۽ اڻپورن انتظامن سان جڏھن بہ ڌاڙيلن خلاف آپريشن ٿيو آھي تہ پوليس جا جوان شھيد ٿيا آھن. اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ ڌاڙيل ڪلچر خلاف سجاڳ ٿي چڪي آھن. مغوين جي بازيابي لاءِ احتجاج ڪندڙن کي ثابت قدم رھڻ تي مبارڪون ھجن. سنڌ جي نجات ثابت قدم جدوجھد ۾ آھي.اياز لطيف پليجي چيو تہ نگران سنڌ حڪومت ۽ چيف جسٽس ھاء ڪورٽ وحشتناڪ واقعي جو نوٽيس وٺي معصوم پريا ڪماري، ڊاڪٽر منير احمد نائچ، ساگر ڪمار سميت سمورن مغوين کي فوري طور بازياب ڪرايو وڃي
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
21st Jul 2026
•
پاکستان
ہائیڈل برگ یونیورسٹی میں "علامہ اقبال چیئر" کی بحالی آخری مرحلے میں داخل ہو چکی ہے: سفیرپاکستان ثقلین سیدہ
21st Jul 2026
•
سندھ
آزاد کشمیر کے انتخابات میں پیپلز پارٹی بھر پور کامیابی حاصل کرے گی، فاطمہ مجید
21st Jul 2026
•
سندھ
کراچی پریس کلب کا سینئر رکن سہیل سانگی کے صاحبزادے کی گمشدگی پر شدید تشویش کا اظہار
21st Jul 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
ڦل شهر زندگي زهر - مسئلن ۾ ڦاٿل ڦل شهر
21st Jul 2026
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ ۾ اُرڙي وگھي ڀاءُ ۽ ڀيڻ فوت، گھر ۾ ڪھرام متل
21st Jul 2026
•
سنڌي خبرون
نوشھروفيروز ۾ آغا سجاد ميمڻ جي موبائيل شاپ تي مبينا حملو
21st Jul 2026
•
سنڌي خبرون
سنڌو درياءَ ۾ پاڻي کوٽ باوجود پلي جي شڪار ۾ اضافو
21st Jul 2026
•
سنڌي خبرون
گهگهر جي ڳوٺن ۾ پاڻي جي شديد کوٽ خلاف علائقي واسين جو احتجاج
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
qomi awami tahreek
ayaz latif palejo
0 تبصرے