پي ٽي وي تي پهرين سنڌي ٻولي واري مارننگ شو کي سال پورو

اسد قريشي، اسلم ڀٽُ، سليم جان رند، ليلا نثار، تانيا خان ۽ ٻيا شريڪ

پي ٽي وي تي پهرين سنڌي ٻولي واري مارننگ شو کي سال پورو

ڪراچي (شوبز نيوز) پي ٽي وي جي تاريخ ۾ پھريون ڀيرو سنڌي ٻولي ۾ مارننگ شو جنھن کي خير سان سال پورو ٿي ويو. ان موقعي تي سموري سٿ ۽ ناليوارن فنڪارن پروگرام جي ميزبان سائره علي خان سان گڏجي سھڻي نموني جشن ملھايو ويو ۽ ڪيڪ پڻ ڪٽيو. ويو پروگرام ۾ ناليواري اداڪارن اسد قريشي ـ اسلم ڀٽو ـسليم جان رند ـ ليلانثار، تانيا خان ، ثمينا خان، عابدا علي(رڌڻي جي راڻي) ـ ڪرن ناز (ڊريس ڊزائينر) ـ ارم ضياء(موٽيويشنل اسپيڪر) ، فٽنر صائمه عرفان ، راڻي آپا (بيوٽيشن)، سينئير صحافي ميزبان سھڻي پارس ـ ڪئيمرا مين ۽ سوشل ميڊيا سنڀاليندڙ عمران ملڪ ـ اسسٽنٽ منور چنه ، ـسيٽ ڊزائينر فيصل ڪٽپر ـ فنڪارن ۾ لوڪ فنڪاره مھتاب بلوچ ـ نوجوان راڳي سھيل شامل ٿي پروگرام کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا ـ ان خوبصرت محفل ۾ جنرل مئنيجر پي ٽي وي نيشنل محمد هارون جمالي ۽ پروگرام مئنيجر خرم عزيز خان پڻ شرڪت ڪئي. آيل مهمانن مورننگ شو جي ميزبان کي گھڻو ساراھيندي دعائون پڻ ڏنيون. انهن جو چوڻ ھو ته پي ٽي وي تان سنڌي ۾ مارننگ شو جي صورت ۾ نئين تاريخ لکڻ ۾ وڏو ڪردار ڊائريڪٽر آئي آر ۽ پي ٽي وي نيشنل مختيار علي لغاري جو آھي جن جي ڪوششن سان اھو سڀ ممڪن ٿي سگھيو ۽ ميزبان سارئره علي خان ان کي سھڻي نموني نڀايو ۽ نڀائيندي رھندي ـ مھمانن جو مختيار لغاري صاحب جا به ٿورا مڃيا جن جي ڪوششن سان سنڌي ماڻھو پي ٽي وي تي سڄو ھفتو پورا ٻ ڪلاڪ سنڌي ۾ پروگرام ڏسي سگھنداـ