شھدادڪوٽ ۾ پوليس جي مبينا تشدد ۾ زخمي ٿيل نوجوان دم ڏئي ڇڏيو

ھفتو اڳ سي آءِ اي پوليس قمبر جي انچارج ۽ اھلڪارن فرزند رند کي مبينا تشدد جو نشانو بڻايو ھو

شھدادڪوٽ ۾ پوليس جي مبينا تشدد ۾ زخمي ٿيل نوجوان دم ڏئي ڇڏيو

شھدادڪوٽ (رپورٽر) شھدادڪوٽ ۾ ھڪ ھفتو اڳ سي آئي اي پوليس قمبر جي انچارج منظور چانڊيو پوليس اھلڪارن امام بخش چانڊيو سڪندر چانڊيو ۽ الطاف چانڊيو ھٿان سخت وحشياڻو تشدد جو نشانو بڻيل نوجوان فرزند رند ڪراچي جي جناح اسپتال زخمن جا سور نه سھندي فوت ٿي ويو . اطلاع ملڻ تي فوت ٿي ويل نوجوان جي گهر ۾ ڪھرام مچي ويو آهي . ياد رھي ته ھڪ ھفتو اڳ سي آئي اي انچارج قمبر منظور چانڊيو اي سيڪشن ٿاڻي جي حد قبو سعيد خان روڊ تي پنهنجي سنوڪر ڪلب جي دڪان تي ويٺل نوجوان فرزند رند کي بنا جواز بيگناھ گرفتار ڪري قمبر سي آئي اي ٿاڻي تي کڻي وڃي سخت وحشياڻو تشدد ڪري مرڻينگ ڪري ڇڏيو ھيو جنهن کي وارثن علاج لاء لاڙڪاڻي چانڊڪا اسپتال کڻائي ويا لاڙڪاڻي جي ڊاڪٽرن لاعلاج ڪيو ھيو جنهن بعد وارثن سخت زخمي ٿيل نوجوان فرزند رند کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ جناح اسپتال ڪراچي کڻائي ويا ھئا جتي ڪجهه ڏينهن کان زيري علاج ھيو جناح اسپتال ڪراچي ۾ نوجوان فرزند رند زخمن جا سور نه سھندي فوت ٿي ويو آهي ڪراچي جي جناح اسپتال ۾ زخمن جا سور نه سھندي فوت ٿي ويل نوجوان فرزند رند جي مڙھ کي ڪراچي کان پنهنجي گهر شھدادڪوٽ آندو پيو وڃي .