ايس ايس پي سان شڪارپور بچايو تحريڪ جي اڳواڻن، صحافين ۽ واپارين جي ملاقات

وفد پاران ايس ايس پي شڪارپور خالد مصطفيٰ ڪورائي کي وڌندڙ بدامني بابت شڪايتون ڪيون ويون

ايس ايس پي سان شڪارپور بچايو تحريڪ جي اڳواڻن، صحافين ۽ واپارين جي ملاقات

شڪارپور (احسان ابڙو ) ايس ايس پي شڪارپور خالد مصطفي ڪورائي ايس ايس پي آفيس ۾ شڪارپور بچايو تحريڪ جي اڳواڻن ، تاجر برادري چيمبرس آف ڪامرس ۽ پريس ڪلب جي عهديدارن سان گڏجاڻي ڪئي. گڏجاڻيءَ ۾ شڪارپور بچايو تحريڪ جي اڳواڻن ۽ تاجر برادريءَ پاران شهر ۾ امن و امان بابت ۽ درپيش سيڪيورٽي مسئلن تي ڳالھ ٻولھ ڪئي. گڏجاڻي ۾ اي ايس پي سٽي سيد فاضل شاه بخاري پڻ موجود هو. ماضيءَ ۾ شهر جا اٺ دروازا هوندا هئا جنهن تي سيڪيورٽي متعلق ڪنٽرول ڪيو ويندو هو جيڪو هينئر سيڪيورٽي نه هجڻ جي ڪري شهر ۾ اسٽريٽ ڪرائيم ۽ ڌاڙن ۾ واڌ اچي وئي آهي ان جي لاءِ شهر جي داخلي ۽ خارجي رستن تي پوليس پڪٽون قائم ڪري ايندڙ ويندڙ ماڻهوءَ کي چيڪ ڪري شهر ۾ داخل ڪيو وڃي جنهن سان ڏوھ تي ڪنٽرول ڪري سگهجي ٿو. ان سان گڏوگڏ پوليس جو عوام سان رويو بهتر هجڻ گهرجي جنهن سان پوليس جو مورال بلند ۽ وچ ۾ جيڪا وٿي آهي ختم ٿي سگهي. سٽي سرڪل جي اهم چوڪن ۽ چوراهن تي سي سي ٽي وي ڪيئمرائون لڳايون وڃن جنهن سان ٿيندڙ ڏوهن جي نشاندهي ڪري سگهجي. (تاجر برادري، چيمبر آف ڪامرس ، شڪارپور بچايو تحريڪ جا اڳواڻ ۽ پريس ڪلب جا عهديدار)ايس ايس پي شڪارپور خالد مصطفي ڪورائي شڪارپور بچايو تحريڪ ۽ تاجر برادريءَ سان يقين ڏياريندي چيو آهي ته عوام ۽ پوليس جي وچ ۾ جيڪي به مسئلا آهن اوهان سان ملي ڪري انهن مسئلن کي جلد کان جلد حل ڪيو ويندو شهر ۾ روزانو سنيپ چيڪنگ سان گڏوگڏ پوليس جو گشت به وڌايو ويو آهي شهر جي مختلف بازارن ۾ پيادل گشت به ڪيو ويندو، پوليس جي بازارن ۾ موجودگيءَ ۾ ڏوهن ۾ گهٽتائي ايندي امن و امان جي فضا بحال ڪري شهر جي روزگار ۽ ڪاروبار کي بهتر ڪري سگهون.تاجر برادري، شڪارپور بچايو تحريڪ ، چيمبر آف ڪامرس ۽ پريس ڪلب جي عهديدارن ايس ايس پي شڪارپور کي هر ممڪن ساٿ ڏيڻ جي يقين ڏياريو، هر موقعي ۽ هر موڙ تي پوليس سان گڏ بيٺا هونداسون.واپارين شڪارپور بچايو تحريڪ جي اڳواڻن پاران ايس ايس پي شڪارپور تي اعتماد جو اظهار ڪيو ويو.