گڏاپ: نور محمد ڳوٺ جي رھواسين جو امڪاني ڳوٺ ڊھڻ خلاف احتجاج جاري

رھواسين عورتن ۽ ٻارڙن سميت 11ھين ڏينھن بھ احتجاج جاري رکيو، سياسي سماجي ڌريون بھ شريڪ

گڏاپ: نور محمد ڳوٺ جي رھواسين جو امڪاني ڳوٺ ڊھڻ خلاف احتجاج جاري

گڏاپ (محمد علي خاصخيلي)ڪراچي اسڪيم 33 نور محمد ڳوٺ کي ڊاھڻ ڳوٺاڻن کي جبري بيدخل ڪرڻ خلاف سياسي سماجي تنظيمن. قومپرست اڳواڻن علائقي واسين جو 11 ھين ڏهاڙي به مرد توڙي عورتن بلڊر مافيا. اينٽي انڪروچمينٽ سيل ۽ حد جي پوليس خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. خبر موجب ڪراچي جي اسڪيم 33 نور محمد ڳوٺ کي امڪاني ڊاھڻ ۽ ڳوٺاڻن کي جبري بيدخل ڪرڻ خلاف رھواسين عورتن ۽ مردن جو اڳوڻي يوسي چيئرمين نور خان برفت جي اڳواڻي ۾ 11 ڏينھن به احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. مظاھرين سان حمايت طور ڪراچي سوشل فورم اڳواڻ پنھل لاڙڪ. صفدر ابڙو. آصف محسود. اسلام جان بٽني. علي برفت. عالم بروھي. انجم ڪيريو. نبي بخش برفت. عبدالمجيد برفت ۽ ٻين وڏي انگ ۾ پھچي متاثر ڳوٺاڻن سان يڪجھتي طور ڌرڻو هڻي ويهي رهيا. ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته بلڊر مافيا ايترو طاقت ور آھي جو نور محمد ڳوٺ جا رھواسي يارنهن ڏينھن کان سراپا احتجاج بڻيل آهن پر ھن مھل تائين انتظاميه جو ڪوبه اڳواڻ ھنن متاثر ڳوٺاڻن سان ڳالھيون ڪرڻ ناھي آيو. جيڪا افسوس جوڳو عمل آهي. ھنن چيوته ھن ڌرتي تي سنڌي ماڻھو کي پورو حق حاصل آهي تو ڪٿي به ويھي سگھي ٿو. گورنمينٽ کي اگر زمينون خالي ڪرائڻيون آھن تہ آھي غير ملڪين کان زمينون خالي ڪرائن ھن ڌرتي واسين کي تنگ ڪرڻ بند ڪيو وڃي. ھنن چيو ته سنڌ جو شعور جاڳي چڪو آهي ڪراچي ۾ سنڌي ڳوٺن خلاف سازشون بند نه ڪيون ويون تہ ڀرپور مزاحمت ڪئي ويندي. مظاھرين سپريم ڪورٽ. سنڌ ھاء ڪورٽ. نگران حڪومت سنڌ کان مطالبو ڪيو ته نور محمد ڳوٺ کي ڊاھڻ ۽ ڳوٺاڻن کي جبري بيدخل ڪندڙ بلڊر مافيا خلاف نوٽيس وٺي ڳوٺ کي پڪو ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي