شڪارپور جي ايس ايس پي ۽ ڊي سي عھدن جون چارجون سنڀالي ورتيون

پوليس جي چاڪ و چوبند دستي ايس ايس پي خالد مصطفيٰ ڪورائي کي سلامي پيش ڪئي

شڪارپور جي ايس ايس پي ۽ ڊي سي عھدن جون چارجون سنڀالي ورتيون

شڪارپور (احسان ابڙو) ايس ايس پي شڪارپور خالد مصطفيٰ ڪورائي 75هون ايس ايس پي شڪارپور جي چارج سنڀالي ورتي. پوليس جي چاڪ و چوبند دستي ايس ايس پي شڪارپور خالد مصطفيٰ ڪورائي کي سلامي پيش ڪئي. ايس ايس پي شڪارپور خالد مصطفيٰ ڪورائي سلامي بعد ايس ايس پي آفيس جو دورو ڪيو. ان موقعي تي اي ايس پي سٽي شڪارپور سيد فضل شاه بخاري ۽ ٻيا پوليس آفيسر ساڻس به گڏ هئا. ايس ايس پي شڪارپور خالد مصطفيٰ ڪورائي صاحب سڀني برانچن جي انچارجن سان ملاقات ڪئي. ايس ايس پي شڪارپور خالد مصطفيٰ ڪورائي تمام برانچن جي انچارجن کي هدايتون جاري ڪندي چيو ته شهرين سان اعليٰ اخلاق سان پيش اچڻ کي يقيني بڻايو وڃي ۽ انهن جا مسئلا اولين بنيادن تي حل ڪيا وڃن. ان سلسلي ۾ ڪنهن به قسم جي غفلت برداشت نه ڪئي ويندي ڏوهارين ۽ منشيات فروش ماڻهن خلاف ڪارروايون تيز ڪيون وڃن هوڏانهن نئين مقرر ڊپٽي ڪمشنر الطاف احمد چاچڙ پاران چارج سنڀالڻ سان ئي سول اسپتال شڪارپور جو اچانڪ دورو ڪيو ويو