ڀٽ شاھ ۾ ڪربلا جي شهيدن جو چاليهو عقيدت ۽ احترام سان ملهايو ويو

امام حسين عھ سميت ڪربلا جي شهيدن جي ڏنل قربانين کي سلام پيش ڪريون ٿا: عزادار

ڀٽ شاھ ۾ ڪربلا جي شهيدن جو چاليهو عقيدت ۽ احترام سان ملهايو ويو

ڀٽ شاھ (رپورٽر) ڀٽ شاھ ۾ ڪربلا جي شهيدن جو چاليهو عقيدت ۽ احترام سان ملهايو ويو، ڀٽ شاھ قومي شاهراه کان هزارين عزادارن پاران پيادل اربين مارچ درگاھ حضرت شاھ عبداللطيف ڀٽائي طرف روانو ٿيو ڪربلا جي شهيدن جي چهلم جي موقعي تي ڀٽ شاھ جي داخلي روڊ تي اربعين قافلو ڀٽائي جي درگاه تي پھچي اختتام پذیر ٿيو هزارين مرد مومنن سان گڏ عورت مومن به اربعين قافلي ۾ شامل ھيون، يا حسين جون صدائون بلند ڪيون ويون، مومنن پاران سينا زني ۽ نوحه خواني جو سلسلو بھ جاري ويو، ڀٽ شاھ داخلي روڊ تي وک وک تي مومنن لاءِ معقب قائم ڪيا ويا ھئا جتي سبيل ۽ لنگر نياز جو اهتمام ڪيو ويو ھو، اربعين جلوس ۾ شامل عزادارن جو چوڻ ھو ته حضرت امام حسين عليه السلام سميت ڪربلا جي شهيدن جي ڏنل قربانين کي سلام پيش ڪريون ٿا، سيڪيورٽي جا انتظام به سخت ڪيا ويا آهن